Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

مان ٿورو اندازو ٿئي ٿو. جيئن روايت ۾ آهي: پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمفرمايو ته جڏهن مان معراج جي رات غيب جي پردي ۾ پهتس ته منهنجي وات (مبارڪ) ۾ هڪ قطرو وِڌو ويو، جيڪو برف کان وڌيڪ ٿڌو ۽ کَستُوري کان وڌيڪ خوشبودار هو، ان قطري ۾ اوّلين ۽ آخرين (يعني اڳين ۽ پوين) جو علم موجود هو جيڪو منهنجي دل ۾ داخل ڪيو ويو.([1])

ساڳئي ئي مفھوم جي ھڪ حديث پاڪ ترمذي شريف ۾ به آھي، جنھن ۾ پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمفرمايو ته اوڀر ۽ اولھ (East & West)  جي وچ ۾ جيڪو ڪجھ  آھي، اُهو سڀ مون ڄاڻي ورتو. ([2])

عالَم میں کیا ہے جس کی کہ تجھ کو خبر نہیں          ذرَّہ ہے کون سا تری جس پر نظر نہیں

یہ عِلْمِ غیب ہے کہ رسولِ کریم نے                خبریں وہ دِیں کہ جن کی کسی کو خبر نہیں

 3 قسمن جا علم

حديثِ پاڪ ۾ آھي : رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمفرمايو: شبِ معراج ربِّ ڪريم مون کي مختلف قسمن جا عِلمَ عطا فرمايا * انهن مان ڪجهه  علم ته اهڙا آهن جن کي لڪائڻ جو مون کان واعدو ورتو ويو، ڇو ته مون کان سواءِ انهن علمن کي ڪير به سمجهي نه ٿو سگهي * ڪجهه علمن متعلق مون کي اختيار ڏنو ويو ته جنهن کي چاهيان ٻڌايان * ڪجهه علم اهڙا آهن جن جي تبليغ ڪرڻ يعني هر خاص و عام کي ٻڌائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.([3])


 

 



[1]...نَادِرُ المعراج، باب بست و ششم دربیان رسیدن...الخ، فصلِ سوم، صفحہ:277 ملتقطاً۔

[2]... ترمذی، کتاب تفسیر القرآن، باب ومن سورۃ ص، صفحہ:747، حدیث:3234۔

[3]... مواہب اللدنیہ، ص:381، ج:2۔