Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ  وقت جي ڪامل ولي سان گڏ اعتڪاف ڪرڻ جو موقعو ملندو. ان جون برڪتون ئي نراليون هونديون. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! رمضان شريف ۾ گناهن کان بچڻ، نيڪيون ڪرڻ، نفلي عبادات جو شوق وڌڻ سان گڏوگڏ بيشمار علمِ دين حاصل ڪرڻ جو موقعو به ملندو. اچو! ترغيب لاءِ اجتماعي اعتڪاف جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا :

گناهن سان ڀريل زندگي ۾ بهار اچي وئي

ڊيره الله يار (صوبو بلوچستان، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي : مان پهريان گناهن جي ڌُٻَڻ ۾ ڦاٿل هيس، فلمون ڏسڻ ۽ بدنگاهي ڪرڻ منهنجا پسنديده مشغلا هئا، هڪ دفعي هڪ عاشقِ رسول اسلامي ڀاءُ سان منهنجي ملاقات ٿي هن انتهائي پيار ڀريي انداز ۾ مون کي اجتماعي سنت اعتڪاف ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، هن جو حڪمت ڀريو ۽ پيار وارو  انداز منهنجي دل کي گهايل ڪري ڇڏيو ۽ مان رمضان المبارڪ ۾ اجتماعي اعتڪاف ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ فيضانِ مدينه پهچي ويس، اعتڪاف جي دوران مبلغ اسلامي ڀائرن جي سنتن سان ڀرپور بيانن، پرسوز مناجات ۽ رقّت انگيز دعائن منهنجي دل جي دنيا ئي بدلائي ڇڏي. مون گذريل گناهن کان توبه ڪئي ۽ دعوتِ اسلامي جي پاڪيزه ديني ماحول سان وابسته ٿي ويس، جنهن جي برڪت سان منهنجي ڪردار (Character) ۽ گفتار ۾ مثبت تبديليون (Positive Changes) اچڻ لڳيون، مون عمامي شريف جو تاج به پنهنجي مٿي تي سجائي ڇڏيو، سنت مطابق ڏاڙهي شريف به رکي ڇڏي ۽ الحمدُ للّٰہ! نمازن جو پابند به بڻجي ويس.

آئیں گی سُنتیں، جائیں گی شامتیں      مدنی ماحول میں کر لو تم اعتکاف

تم سدھر جاؤ گے، پاؤ گے برکتیں             مدنی ماحول میں کر لو تم اعتکاف