Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi
نکرندو آهي ۽ الله پاڪ جي فضل سان سنتن جو پيڪر بڻجڻ جي توفيق نصيب ٿيندي آهي، لهٰذا هر مهيني گهٽ ۾ گهٽ 3 ڏينهن جي قافلي ۾ سفر ڪرڻ جي پڪي عادت بڻائي ڇڏيو!
لوٹنے رحمتیں قافِلے میں چلو سیکھنے سنتیں قافِلے میں چلو
چاہو گر بَرَکتیں قافِلے میں چلو پاؤ گے عظمتیں قافِلے میں چلو
بارہ مَہ کیلئے تیس دن کیلئے بارہ دن دے ہی دیں قافِلے میں چلو
سنّتیں سیکھنے تین دن کیلئے ہر مہینے چلیں قافِلے میں چلو
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
پيارے اسلامي ڀائرو! معراج جي رات جڏهن پيارا آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سِدْرَۃ ُالْمُنْتَہیٰ کان اڳتي وڌڻ لڳا، حضرت جبرائيلِ اَمين عَلَيْهِ السَّلَام اُتي بيهي رهيا، اڳتي وڌڻ کان معذرت ڪئي، پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمفرمايو: ”اي جبرائيل! الله پاڪ جي بارگاهه ۾ ڪا حاجت هجي، ڪو سوال هجي ته ٻڌاءِ ...!!“
هاڻي جبرائيلِ اَمين عَلَيْهِ السَّلَام جي نرالي خواهش به ٻڌو! عرض ڪيائين : يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! منهنجي بس هڪ ئي خواهش آهي ته قيامت جي ڏينهن جڏهن توهان جي پياري امت پلصراط تان گذرڻ لڳي ته مون کي پنهنجا پَرَ پلصراط جي مٿان وِڇائڻ جي اجازت ڏني وڃي. ([1])