Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi
بيهي پيئو * پيئڻ کان پهريان چڱي طرح ڏسو ته پيئڻ واري شيءِ جي اندر ڪا نقصان ڪار شيءِ ته نه آهي * پيئڻ کان پوءِ اَلْحَمْدُ لِلّٰه چئو * امام محمد بن محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: بِسْمِ الله پڙهي پيئڻ شروع ڪجي، پهرين ساهي جي آخر ۾ اَلْحَمْدُ لِلّٰه ٻِي ساهي جي آخر ۾ اَلْحَمْدُ لِلّٰه رَبِّ الْعَالَمِين ۽ ٽئين ساهي جي آخر ۾ اَلْحَمْدُ لِلّٰه رَبِّ الْعَالَمِين الرَّحْمٰنِ الرَّحِيم پڙهجي. اهو هڪ بهتر عمل آهي نه به ڪجي ته ڪو حرج ناهي، شروع ۾ بِسْمِ الله ۽ آخر ۾ اَلْحَمْدُ لِلّٰه چوڻ سان به سنت ادا ٿي ويندي * گلاس ۾ بچيل مسلمان جو صاف شفاف اوبر پاڻي استعمال جي قابل هئڻ جي باوجود هَرُوڀَرُو اُڇلائڻ نه گهرجي * منقول آهي سُؤْرُ الْمُؤْمِنِ شِفَاءٌ يعني مسلمان جي اوبر ۾ شِفا آهي * پيئڻ کان ڪجهه گهڙيون پوءِ خالي گلاس کي ڏسندﺆ ته ان جي ڀتين تان وهي چند قطرا هيٺ تَري ۾ جمع ٿي ويا آهن، انهن کي به پي ڇڏيو. ([1])
مختلف سنتون ۽ آداب سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جو شايع ٿيل ڪتاب بهارِ شريعت جلد : 3، حصو: 16 ۽ اميرِ اهلسنت مولانا محمد الياس قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحن تي مشتمل رسالو 550 سنتون ۽ آداب خريد ڪري ان جو مطالعو ڪيو! سنتن سکڻ جو هڪ ذريعو دعوتِ اسلامي جي قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر ڪرڻ به آهي.
آؤ مدنی قافلے میں ہم کریں مل کر سفر سنتیں سیکھیں گے اِس میں ان شاء اللہ سر بسر
مجھ کو جذبہ دے سفر کرتا رہوں پَروَردگار سنتوں کی تربیت کے قافِلے میں بار بار ([2])
الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي. ا اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد