Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi
سالن جا روازا رکيا ۽ اها رجب جي 27 تاريخ آهي.([1]) لهذا ٿي سگهي ته سڀاڻِ روزو رکو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻو ثواب نصيب ٿيندو.
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه شعبان شريف به اچڻ وارو آهي. هي مهينو به وڏي برڪت ۽ عظمت وارو آهي. اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمهن مهيني ۾ ڪثرت سان نفلي روزا رکندا هئا. هن بابرڪت مهيني ۾ به نفلي روزن جي ڪثرت جو ذهن بڻايو! * مسلمانن جي پياري اَمي جان حضرت عائشه صديقه رَضِیَ اللہُ عَنْهَا فرمائن ٿيون : مون پنهنجي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمکي شعبان کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن به مهيني ۾ روزا رکندي نه ڏٺو. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمڪجهه ڏينهن ڇڏي باقي سڄو مهينو روزا رکندا هئا. ([2]) * هڪ دفعو پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجن جي خدمت ۾ سوال ڪيو ويو: رمضان کان بعد ڪهڙي مهيني جا روزا افضل آهن؟ فرمايائون: رمضان جي تعظيم لاءِ شعبان جا روازا رکڻ.([3])
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ، دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ شعبان شريف ۾ به روزن جون بهارون هونديون آهن. مختلف هنڌن تي سحري اجتماعن جو پڻ اهتمام ڪيو ويندو آهي. مَاشَآءَ اللّٰه ڪيترائي عاشقانِ رسول ڪثرت سان روزا رکندا آهن ۽ مسلسل روزا رکندي رمضان شريف سان ملي ويندا آهن. توهان به دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! فيضانِ معراج سان گڏوگڏ شعبان شريف ۽ رمضان