Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

اللہ نے وعدہ یہ کیا ہے شبِ معراج               دوزخ میں رہے گا نہ گنہگار تمہارا

اے عاصیو! تم اپنے گناہوں سے یہ کہہ دو        سرکارِ مدینہ ہے خریدار تمہارا

سُبْحٰنَ اللہ!  پيارا اسلامي ڀائرو! ڇا شان آهي اسان جي آقاو موليٰ، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجو...!! الله پاڪ جي پاڪ بارگاهه ۾ حاضري آهي، خاص خلوت ۾ هم ڪلامي جو شرف حاصل آهي، ربِ ڪائنات گهُرڻ جو فرمايو ته محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمڇا گهريو...؟ اسان غلامن جي بخشش لاءِ عرض ڪيائون. سُبْحٰنَ اللہ!

مِعْراج کی شب تو یاد رکھا ، پھر حشر میں کیسے بھُولیں گے

عطّار اسی اُمِّید پہ ہم دِن اپنے گزارے جاتے ہیں

شبِ معراج امت جي بخشش واري رات

پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن اسان معراج جون روايتون پڙهندا آهيون ته ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ته اها رات اُمّت جي بخشش جي رات هئي. حضرت عبدالله بن مسعود رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُ  کان روايت آهي، جڏهن پيارا آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمبيتُ المقدس ڏانهن وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ حضرت ابراهيم   عَلَيْهِ السَّلَام سان ملاقات ٿي. انهن فرمايو: اي پيارا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! اڄ رات توهان کي ربِ ڪائنات سان ملاقات جو شرف عطا ڪيو پيو وڃي، توهان جي اُمّت سڀني کان آخري ۽ ڪمزور اُمَّت آهي، جيڪڏهن پنهنجي اُمّت جي بگڙيل حالت بهتر ڪرائڻ چاهيو ٿا ته اڄوڪي رات  ڪرائي وٺو ! ([1])


 

 



[1]... مواہب اللدنیہ، ص:380، ج:۲ مع زرقانی۔