Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

سنتن جي تصوير بڻجي وڃو

پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪيو! اسان جي آقا، ڪريم آقا، رحيم آقا، اسان غلامن سان بي پناهه محبت ڪرڻ واري  آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّممعراج جي رات به اسان گنهگارن کي نه وساريو، هاڻي اسان تي ڪهڙو حق عائد ٿئي ٿو؟ ڇا اسان پنهنجي آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمکي مَعَاذَ اللَّه وساري ڇڏيون؟ نه...! نه...!! اعلى حضرت رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ اسان کي نصيحت ڪن ٿا :

جو نہ بُھولا ہم غُلاموں کو رضا          یاد اُس کی اپنی عادَت کیجئے!

اللّٰهُ اکبر! جن آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمڪنهن به وقت اسان کي نه وساريو، اسان کي به گهرجي ته هر گهَڙي اُن آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمکي ياد ڪندا رهون. * ڪپڙا پائڻ لڳون ته ياد رکڻ گهرجي ته منهنجا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمڪپڙا ڪيئن پائيندا هئا؟ پهريان ساڄي آستين پائيندا هئا، پوءِ کاٻي آستين پائيندا هئا، ان کان بعد گَلو، مبارڪ ڳچيءَ ۾ وجهندا هئا. * جڏهن مٿي تي وار ڏسون ته ياد اچڻ گهرجي ته منهنجا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمزُلف رکندا هئا، مون کي به يادِ مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم۾ زُلف رکڻ گهرجن. * جڏهن آئيني ۾ پنهنجو چهرو ڏسون ته ياد اچڻ گهرجي ته منهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمکي هڪ مُٺِ ڏاڙهي مبارڪ هئي، مون کي به يادِ مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم۾ اها پياري سنت پنهنجي چهري تي سجائي رکڻي آهي. * جڏهن گهر ۾ داخل ٿيون ته ياد اچڻ گهرجي ته محبوبِ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمگهر ۾ داخل ٿيڻ وقت پهريان ساڄو پير مبارڪ اندر رکندا هئا. * جڏهن کاڌو کائڻ لڳون ته ياد اچڻ گهرجي ته پيارا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمويهي، ساڄو گوڏو اُڀو ڪري، کاٻي گوڏي تي ويهي کاڌو کائيندا هئا، بِسْمِ اللَّه پڙهي کائڻ شروع ڪندا هئا، اهي سنتون اسان کي به ياد هجڻ گهرجن. * پيارا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمهلندا