Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

ٽوڪ نه آهي. اُٿو، وضو ڪيو ۽ پنهنجي ربّ جي بارگاهه ۾ حاضر ٿي وڃو اها ڪيڏي نه عظيم نعمت آهي، جيڪا اسان کي مِعراج جي صدقي ۾ ملي، اها ڪيڏي نه عظيم نوازش آهي، جيڪا حضورِ پُر نور، جانِ ڪائنات صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجي صدقي اسان گنهگارن تي ٿي. سُبْحٰنَ الله!

بلال اسان کي راحت پهچاءِ ....!

          حضور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ فرمائن ٿا : رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمکي جڏهن معراج لاءِ گهرايو ويو ۽ مقامِ قرب سان نوازِيو وَيو ته ان وقت حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمالله پاڪ جي بارگاهه ۾ عرض ڪيو: ياالله پاڪ ! هاڻي مون کي مصيبتن جي گهر (يعني دنيا) ۾ واپس نه موڪل. الله پاڪ فرمايو: اي محبوب! اسان جو حڪم اِهو ئي آهي، توهان دنيا ۾ واپس وڃو ته جيئن توهان جي وسيلي شريعت قائم ٿئي ۽ جيڪو ڪجهه اسان هتي عطا ڪيو آهي، اهو دنيا ۾ به عطا ڪنداسين. جيئن ته جڏهن پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمدنيا ۾ واپس آيا پوءِ جڏهن به سندن دل مقامِ بلند جي تمنا ڪندي هئي ته  فرمائيندا هئا: اَرِحْنَا يَا بِلَالُ  بِالصَّلَاۃِ  اي بلال! نماز لاءِ آذان ڏَئِي اسان کي راحت عطا ڪر.

 داتا حضور وڌيڪ فرمائن ٿا: اسان جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجي هر نماز معراج هوندي هئي. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمنماز ۾ الله پاڪ جي مهربانين جو مشاهدو ڪندا هئا. سندن روح مبارڪ نماز ۾ هوندو هو، مبارڪ دل نياز ۾ هوندي هئي ۽ باطن راز ۾ هوندو هو ايتري تائين جو نماز پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجي اکين جو ٺارُ بڻجي وئي.([1])

ہر عبادت سے بَرتَر عبادت نَماز                  ساری دولت سے بڑھ کر ہے دولت نَماز


 

 



[1]... کَشْفُ الْمَحْجُوب، صفحہ:440ملتقطاو ماخوذاً  ۔