Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

وڌيڪ فرمايو ويو : اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّماسان توهان کي حوضِ ڪوثر عطا ڪيو، سڀئي جنتي توهان جا مهمان هوندا، توهان حوضِ ڪوثر جي پاڻيءَ سان سڀني جنتين جي مهمان نوازي فرمائيندا.

سُبْحٰنَ اللہ! اعلى حضرت رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  پنهنجي خواهش جو اظهار ڪندي لکن ٿا :

گدا بھی منتظر ہے خُلْد میں نیکوں کی دعوت کا      خُدا دِن خیر سے لائے سخی کے گھر ضیافت کا

الله ڪري اسان گنهگارن کي بي حساب جنت ۾ داخلا نصيب ٿي وڃي، ڪاش! جنت ۾ آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جو پاڙو ملي ۽ مبارڪ پاڪ هٿن سان حوضِ ڪوثر جو پيالو نصيب ٿي وڃي.

تمنّائے دِلِ اشرف بس اتنی ہے سرِ کوثَر           جب آقا جامِ کوثَر دَیں، لبِ اَقْدس لگا کر دیں

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!           صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

5  نمازن جو تحفو عطا ٿيو

پيارا اسلامي ڀائرو! معراج جي انهن تنهائين ۾ ربِ ڪائنات جي وڌيڪ مهرباني اها ٿي جو امت جي لاءِ 50 نمازن جو تحفو عطا ڪيو ويو. بعد ۾ پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجي خواهش تي انهن 50 نمازن کي 5 ڪيو ويو. هاڻي اِهي پڙهڻ ۾ ته 5 آهن پر ثواب جي لحاظ کان 50 آهن.

نماز مومن جو معراج آهي

اي عاشقانِ رسول! نماز اهڙي عبادت آهي جو اسان جا پيارا آقا، اسان جا پيارا نبي، رسولِ هاشمي، مُحَمَّدِ عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجڏهن مِعراج جي رات پنهنجي ربَّ سان ملاقات لاءِ وڃي رهيا آهن ته اُن وقت به 6 مختلف هنڌن تي نماز ادا ڪيائون مسجد اَقصيٰ ۾ به نماز ادا ڪيائون ۽ نه رڳو ادا ڪيائون پر سندن