Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi
اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم
مانندِ شمع تیری طرف لو لگی رہی دے لطف میری جان کو سوز و گداز کا ([1])
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان جي پنهنجي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي هن وقت 80 کان وڌيڪ شعبن ۾ دين جي خدمت ڪرڻ ۾ مشغول آهي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! * ڪنزالمدارس بورڊ جي نالي سان دعوتِ اسلامي جو پنهنجو تعليمي بورڊ آهي * تقريباً 16 هزار 500 کان وڌيڪ جامعات ۽ مدرسة المدينه (بوائز ۽ گرلز) قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾ حفظ ۽ ناظرہ، عالِم ڪورس (درسِ نظامي)، مختلف تخصصات (Specialization) فرض علوم ڪورس ڪرايا ويندا آهن. * جامعات ۽ مدرسة المدينه (بوائز ۽ گرلز) ۾ طلباء جو تعداد تقريباً 5 لک 23 هزار آهي * وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن ۽ ڀينرن کي قرآن پاڪ جي تعليم ڏيڻ لاءِ تقريباً 68 هزار کان وڌيڪ مدرسة المدينه بالغان و بالغات قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ پڙهندڙن جو تعداد تقريباً 4 لک آهي * فيضان آن لائن اڪيڊمي ذريعي تقريباً 24 هزار شاگرد ۽ شاگردياڻيون ديني تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. هن وقت تائين تقريباﱠ 21 دارالافتاء اہل سنت قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾ شرعي رهنمائين جو تعداد ماهوار تقريباً 20 هزار آهي * المدينۃُ العلميه (اسلامڪ ريسرچ سينٽر) ذريعي ديني لٽريچر تي تحقيقي ڪم سر انجام ڏنو پيو وڃي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! هن شعبي جي تحت هن وقت تائين 1784 ڪتابن ۽ رسالن تي ڪم ٿي چڪو آهي، هن شعبي