Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

ڀاءُ حضرت موسى عَلَيْهِ السَّلَام  کي جڏهن همڪلامي جو شرف عطا ڪيو ويو هو، ته انهن جي عصا جي ڳالهه ٿي هئي، مون فرمايو : 

وَ مَا تِلْكَ بِیَمِیْنِكَ یٰمُوْسٰى(۱۷) (پارہ:16، سورۂ طہ:17)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ اي موسيٰ هي تنهنجي ساڄي هٿ ۾ ڇا آهي؟

          هي ان لاءِ هو ته جيئن سندن ڌيان عصا ڏانهن ٿي وڃي ۽ اسان جي ڪلام جي هيبت کي برداشت ڪري سگهن. ايئن ئي توهان کي ابوبڪر جي آواز سان مانوس ڪيو ويو، ڇو ته ابوبڪر دنيا ۽ آخرت ۾ توهان جا محبوب آهن. اسان ابوبڪر جي صورت ۾ هڪ ملائڪ پيدا ڪيو، جنهن توهان سان ڪلام ڪيو، جيئن توهان کان تنهائي جو احساس پَري ٿئي ۽ اسان جي بارگاهه جي هيبت نه رهي. ([1]) 

          سُبْحٰنَ الله! ڇا شان آهي حضرت صديقِ اڪبر رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جو...!! معلوم ٿيو ته مسلمانن جا پهريان خليفا حضرت ابوبڪر صديق رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ نهايت ئي بلند مرتبي وارا صحابي آهن ۽ پاڻ دنيا ۽ آخرت ۾ قلبِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   لاءِ آرام ۽ سڪون جو سبب آهن.

 

ایک لمحے کو بھی رکھنا نہ تجھے خود سے الگ              اتنی مَحْبُوب تھی سرورِ کائنات کو رفاقت تیری

بعد نبیوں کے نہیں کوئی بھی افضل تجھ سے            زیب دیتی ہے تجھے جائے امامت تیری

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!           صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

قرب جي انتها

   پيارا اسلامي ڀائرو! رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّموڌيڪ فرمايو: جڏهن مون ابوبڪر صديق رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جي آواز جهڙو آواز ٻڌو، ان کان ڪجهه اڳتي


 

 



[1]... مواہب اللدنیہ مع شرح زرقانی، ج:8، ص:197۔