Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

اي گنهگارﺆ ....!!   اُنهن  توهان کي اُتي به نه وِسارِيو

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي حضور ٿيندڙ اهي راز واريون ڳالهيون، جن مان ڪجهه پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمپنهنجي اُمّت کي ٻڌايون، انهن مان هڪ روايت هي آهي ته جڏهن پيارا آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمالله پاڪ جي بارگاهه ۾ حاضر ٿيا ته ربِ ڪائنات فرمايو :  محبوب! جيڪو وَڻيوَ سو گهرو! سوال توهان جو هوندو، عطا منهجي هوندي.

هاڻي پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمکي گهُرڻو ته هو پر ٿورو ناز ۽ محبت جو اظهار ڪندي عرض ڪيائون: * ياالله پاڪ! ملائڪن کان سجدو ته حضرت آدم عَلَيْهِ السَّلَام جي لاءِ ڪرايو ويو آهي، مان هاڻي ڇا گهران؟ ربِّ ڪريم فرمايو: پيارا محبوب! اصل ۾ توهان جو نور سندن پيشاني ۾ روشن هو، ان ڪري کين سجدو ڪرايو ويو. * عرض ڪيائون : الٰهي! هاڻي مان ڇا گهران...!! بلند مقام تي ته حضرت ادريس عَلَيْهِ السَّلَام کي فائز ڪيو ويو آهي. ارشاد ٿيو: اي محبوب ! انهن کي آسمانن ۾ بلند مقام تي انهيءَ ڪري رکيو ويو ته جيئن اڄوڪي رات اُهي توهان جو استقبال ڪن. * عرض ڪيائون: مولى! حضرت نوح عَلَيْهِ السَّلَام کي نجي الله بڻايو ويو آهي. فرمايو ويو: اي محبوب! انهن توهان جي وسيلي سان دعا گهري هئي، انهيءَ ڪري سندن دعا قبول ڪئي وئي. * عرض ڪيائون : مولى! خليل ته حضرت ابراهيم عَلَيْهِ السَّلَام کي بڻايو ويو آهي؟ ارشاد ٿيو: پيارا محبوب! توهان جو نور سندن پيشاني ۾ روشن هو، ان ڪري کين اهو مقام عطا ڪيو ويو. * عرض ڪيائون : اي مالڪِ ڪريم! تو ڪليم ته حضرت موسى عَلَيْهِ السَّلَام کي بڻايو آهي. فرمايو ويو : اي محبوب ! انهن کي طور جبل تي هم ڪلامي جو شرف بخشيو ويو هو، توهان کي عرش تي گهُرائي  بي پردهه ڪلام بخشيو پيو وڃي.