Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi
مَا زَاغَ الْبَصَرُ وَ مَا طَغٰى(۱۷)(پارہ:27،النجم:17)
ترجمو ڪنزالعرفان: اک نه ڪنهن طرف ڦِري ۽ نه حد کان وڌي.
* مسند امام احمد ۾ صحيح سند سان حديث پاڪ آهي، رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمفرمايو: رَأَيْتُ رَبِّي تَبَارَكَ وَتَعَالَى مون پنهنجي ربِّ ڪريم کي ڏٺو. ([1]) * امام ديلمِي رَحْمَةُ اللَّهِ عَلَيْه حضرت جابر بن عبد الله رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُ کان روايت نقل ڪئي آهي ته سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمفرمايو: اِنَّ اللَّهَ اَعْطٰى مُوسٰى الْكَلامَ وَاَعْطَانِي الرُّؤْيَةَ بيشڪ الله پاڪ موسى عَلَيْهِ السَّلَام کي پنهنجي هم ڪلامي جو شرف بخشيو ۽ مون کي ديدار جي نعمت عطا فرمائي.[2] * حضرت عبدالله بن مسعود رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُ کان روايت آهي: رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمفرمايو: قَالَ لِیْ رَبِّی: نَحَلْتُ إِبْرَاهِيمَ خُلَّتِي، وَكَلَّمْتُ مُوسٰی تَكْلِيمًا، وَأَعْطَيْتُکَ يامُحَمَّدُ كِفَاحًا يعني مون کي منهنجي ربِّ ڪريم فرمايو : مون ابراهيم کي پنهنجو خليل بڻايو، موسى کي هم ڪلامي جو شرف بخشيو ۽ اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمتوکي بغير حجاب جي پنهنجي ديدار جو شرف عطا ڪيو.([3])
سُبْحٰنَ الله ! انهن حديثن مان معلوم ٿيو ته جاڳندي، ظاهري اکين سان بغير ڪنهن پردي جي الله پاڪ جو ديدار ڪرڻ، اسان جي آقا و مولا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجو خصوصي شان آهي. اعلى حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ لکن ٿا :
طُورِ موسیٰ، چرخِ عیسیٰ کیا مُسَاوِئ دَنیٰ ہو
سب جہت کے دائرے میں شش جہت سے تم وَرَا ہو