Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi
* عرض ڪيائون : مولى! بيمثال بادشاهي ته حضرت سليمان عَلَيْهِ السَّلَام کي عطا ڪئي وئي آهي. ارشاد ٿيو : محبوب ! توهان کي مقامِ محمود عطا ڪيو ويو آهي.
اهو ڄڻ ته پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجي طرفان اظهار هو ته اي مالڪِ ڪريم سڀني کان اعليٰ رتبو، سڀني کان وڏو شان، سڀني کان وڌيڪ عظمت ته مون کي عطا ڪئي وئي آهي، هاڻي گهُرڻ لاءِ باقي ڇا بچيو آهي، لهٰذا مان پنهنجي لاءِ ڪجهه نه ٿو گهُران، ها هڪ شيءِ آهي جيڪا گهُرڻي آهي، اُها ڪهڙي آهي؟ روايت ۾ آهي: محبوبِ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمعرض ڪيو : یَا رَبِّ! فَاَقْبِلْ شَفَاعَتِیْ فی عُصَاۃِ اُمَّتِیْ يعني اي الله پاڪ! (آدم عَلَیْہ ِالسَّلَام کي سجدو منهنجي نور جي ڪري ڪرايو ويو، نوح عَلَیْہ ِالسَّلَام جي دعا مهنجي ڪري قبول ڪئي وئي، ابراهيم عَلَیْہ ِالسَّلَام کي خليل منهنجي نور جي برڪت سبب بڻايو ويو، مون کي موسيٰ عَلَیْہ ِالسَّلَام کان بلند مقام عطا ڪيو ويو، جڏهن ايترو ڪجهه عطا ڪيو ويو آهي ته پوءِ اي مالڪِ ڪريم !) هاڻي منهنجي گنهگار اُمت جي حق ۾ منهنجي شفاعت به قبول فرماءِ. الله پاڪ فرمايو : اي پيارا محبوب! مون کي منهنجي عزت جو قسم! * توهان جا امّتي گناھ ڪندا ته مان انهن جي گناهن تي پردو وجهندس * هو مون کان معافي گهرندا ته مان معاف ڪري ڇڏيندس * هو مون کان مدد گهرندا ته مان مدد ڪندس * ۽ جڏهن هو مون کان دعا گهرندا ته مان انهن جي دعا قبول ڪندس.([1])
بندوں کو کسی وقت بھی دِل سے نہ بھلایا ہے امتِ عاصی پہ عجب پیار تمہارا
امت بھی تمہاری ہوئی اللہ کو پیاری اللہ سے وہ پیار ہے سرکار تمہارا
دِن رات جو کرتےہیں خطاؤں پہ خطائیں بخشش کے لئے ان کی ہے اِصْرار تمہارا