Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi
سُبْحٰنَ اللہ! جبرائيلِ اَمين عَلَيْهِ السَّلَام جي خواهش به ڪيڏي نه پيارِي آهي، اُهي ڄاڻن پيا ته پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمکي پنهنجي امت تمام گهڻي پيارِي آهي شايد انهيءَ ڪري ئي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجي خوشي کي نظر ۾ رکندي اهڙي خواهش ڪئي روايت ۾ آهي ته جڏهن پيارا آقا، مڪي مدني مصطفىٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمبارگاہِه الٰهي ۾ حاضر ٿيا، ته ان کان پهريان جو پيارا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجبرائيلِ اَمين عَلَيْهِ السَّلَام جي حاجت بيان ڪن، الله پاڪ فرمايو: اَیْنَ حَاجَۃُ جِبْرِیْلَ؟ يعني اي پيارا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! جبرائيلِ اْمين عَلَيْهِ السَّلَام جيڪا خواهش ڪئي هئي اها ڪهڙي آهي؟ عرض ڪيائون : مولا! تُون بهتر ڄاڻين ٿو. الله پاڪ فرمايو : اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! قَدْ اَجَبْتُہٗ فِیْمَا سَاَلَ يعني حضرت جبرائيلِ امين عَلَيْهِ السَّلَام جيڪو سوال ڪيو، اهو قبول ڪيو ويو آهي پر (ان جو اهو سوال سڄي امت جي حق ۾ قبول نه آهي، بلڪه) فِیْمَنْ اَحَبَّکَ وَ صَحِبَکَ يعني جيڪو توهان جو امتي توهان سان محبت ڪندو ، توهان جي صحابه سان محبت ڪندو، صرف ان تي اهڙي مهرباني ٿيندي. (پلصراط تي ان جي لاءِ ئي جبرائيل عَلَيْهِ السَّلَام کي پَرَ وڇائڻ جي اجازت ڏني ويندي. (مواهب)
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! هن ڳالهه مان صحابهءِ ڪرام رَضِيَ اللّٰهُ عَنْهُم جي شان کي سمجهو! اللّٰھ پاڪ کي به پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجي پيارن صحابه سان ڪيڏو پيار آهي. ان مان معلوم ٿيو ته جيڪي صحابهءِ ڪرام رَضِيَ اللّٰهُ عَنْهُم سان محبت ڪن ٿا، جيڪي عاشقانِ صحابه آهن، عاشقانِ اهلِ بيت آهن، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! پُلصراط تان خيريت ۽ سلامتيءَ سان گذري جنت ۾ داخل ٿيندا.
دو عالَم نہ کیوں ہو نثارِ صحابہ کہ ہے عرش منزلِ وقارِ صحابہ
امیں ہیں یہ قرآن و دینِ خدا کے مدارِ ہدیٰ اعتبارِ صحابہ