Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

امامت ۾ نبين، رسولن ۽ ملائڪن به نماز ادا ڪئي. هر آسمان ڏانهن ويندي 2،    2  رڪعتون نماز ادا ڪري رهيا آهن ۽ فرشتن جي امامت ڪرائي رهيا آهن ۽ جڏهن ربّ جي بارگاهه ۾ ويندا آهن ته نماز جو رڪن اعظم سجدو ادا ڪندا آهن. رب سان ملاقات کان پوءِ جڏهن پنهنجي اُمّت ڏانهن واپس اچي رهيا آهن ته خالقِ ڪائنات پنهنجي محبوب جي اُمّت لاءِ جيڪو تحفو عطا فرمايو، اهو به نماز ئي آهي. مِعراج جي رات صرف نماز ئي نماز آهي، وڃڻ وقت به نماز پڙهي رهيا آهن ۽ واپس اچڻ وقت به پنهنجي اُمّت لاءِ نماز جو تحفو کڻي اچي رهيا آهن. يعني پاڻ به مِعراج فرمايو ۽ پنهنجن غلامن لاءِ به مِعراج جو سامان کڻي آيا. جي ها! نماز مؤمن جي مِعراج آهي.  مِرقاةُ المفاتيح ۾ آهي: اَلصَّلَاۃُ مِعْرَاجُ الْمُؤْمِنِ نماز مؤمن جو مِعراج آهي.([1])

سُبْحٰنَ اللہ! هيءَ ڪيڏي نه زبردست نوازش آهي...! اسان کي نماز جو تحفو مليو ۽ نماز مؤمن جو مِعراج آهي. هاڻي قيامت تائين جي مسلمانن تي هيءَ مهرباني ٿي وئي ته زندگي ۾ هڪ دفعو نه، سال کان پوءِ نه، مهيني کان پوءِ نه، پر روزانو پنج وقت ٻانهو وضو ڪري، مسجد ۾ حاضر ٿي، ڌيان سان، خشوع ۽ خضوع سان، دل جي اطمينان سان نماز پڙهي، پنهنجي پياري الله پاڪ جي بارگاهه ۾ حاضري ڏئي، نياز ۽ نِوِڙَت سان سِرُ سجدي ۾ رکي ۽ الله پاڪ سان گفتگو جو شرف حاصل ڪري. سُبْحٰنَ الله!   هي آهي مسلمان جو مِعراج .....!

اي عاشقانِ رسول! ٿورو غور ڪيو! دنيا جي بادشاهن وٽ وڃڻو هجي ته هزارين ڪَشالا ڪٽڻا پوندا آهن، پر هي ڪيڏو نه ڪرم آهي جو سڀني جهانن جي ربِّ ڪريم، خداءِ رحمٰن ۽ رحيم جي پاڪ بارگاهه ۾ حاضر ٿيڻو آهي، ڪا به روڪ


 

 



[1]...مرقاۃ ُالمفاتیح،کتاب   الصلاۃ ، صفحہ:421،حدیث:746 ۔