Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

۾ ڪيترائي مدني علماءِ ڪرام خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن الله پاڪ جي ڪرم سان دعوتِ اسلامي انهن مدني علماء کي باقاعده پگهارون ڏيندي آهي * ديني لٽريچر جي اشاعت لاءِ دعوتِ اسلامي پنهنجو اشاعتي ادارو مکتبۃُ المدينه  قائم ڪيو آهي، جتي بهترين ۽ خوبصورت انداز ۾ ڪتابن جي اشاعت ڪئي ويندي آهي ، تقسيمِ رسائل (يعني مختلف ڪتاب ۽ رسالا مفت ورهائڻ) جو سلسلو پڻ جاري آهي ۽ ڪتاب وڪرو به ڪيا ويندا آهن.  A دنيا ڀر ۾ ديني ڪمن کي فروغ ڏيڻ لاءِ دعوتِ اسلامي جو مڪمل تنظيمي سيٽ اپ موجود آهي. ذيلي حلقن کان وٺي مرڪزي مجلسِ شوريٰ تائين هڪ مضبوط نظام قائم ڪيو ويو آهي، جنهن تحت شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ ذميوار مقرر ٿيل آهن. عاشقانِ رسول جي تربيت جي ڪري، انهن کي ديني ڪمن لاءِ ملڪ ۽ پرڏيهه موڪليو ويندو آهي، جتي انهن کي باقاعده پگهار ڏني ويندي آهي ۽ هو فارغُ البال (يعني ڪمائڻ کان بي پرواهه) ٿي دين جي خدمت ڪندا آهن. * ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز مثلاً * پرنٽ ميڊيا (يعني فيضانِ مدينه، جيڪو هن وقت 7 مختلف زبانن ۾ شايع ٿيڻ وارو ڪثيرالاشاعت ماهوار رسالو آهي) * سوشل ميڊيا:  جهڙوڪ يوٽيوب (YouTube)، فيس بڪ (Facebook)، انسٽاگرام (Instagram) وغيره تي تقريبا 100 اڪائونٽ موجود آهن، جن تي تقريباً 50 ملين (5 ڪروڙ) فالورز آهن جڏهن ته ويوز جو تعداد بلينز (100 ڪروڙ) کان به وڌيڪ آهي. * ۽ مدني چينل اردو، انگريزي، بنگالي ٻولين ۾، ڪڊز مدني چينل، بزرگن لاءِ مدني چينل ۽ عربي ويب چينل ذريعي دينِ اسلام جي خدمت ٿي رهي آهي. * آءِ ٽي شعبي جي طرفان هن وقت تائين 32 موبائل ايپلي ڪيشنز ۽ 40 اسلامي ويب سائيٽس لانچ ڪيون ويون آهن. سڄي دنيا ۾ مسلمانن جي خيرخواهي لاءِ ايف جي آر ايف (FGRF) جو شعبو قائم آهي، جنهن جي تحت هن وقت تائين * 30 لک کان