Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

آهي * ملائڪ استقبال لاءِ گڏ ٿي رهيا آهن، مطلب ته  زمين ۽ آسمانن ۾ هڪ ڌُمَ متل آهي ۽ جنهن جي لاءِ هي سڀ اهتمام ٿي رهيو آهي، اُهو پيارو محبوب، معراج جو گهوٽ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمچين سان بستر تي آرامي آهي.

قربان میں شان و عظمت پر، سوئے ہیں چین سے بستر پر

جبریلِ امیں حاضِر ہو کر معراج کا مژدہ سُناتے ہیں

سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  به ڏاڍي پياري ڳالهه ڪئي آهي :

تبارک اللہ ہے شان تیری، تجھی کو زیبا ہے بےنیازی

کہیں تو وہ جوشِ لَنْ تَرَانِی، کہیں تقاضے وِصَال کے تھے

 الله پاڪ جو شان تمام بلند آهي، هُو مالڪِ ڪريم بي نياز آهي. هي به ته بي نيازيءَ جو ئي مثال آهي جو حضرت موسى عَلَيْهِ السَّلَام طُور جبل تي آهن، همڪلامي جو شرف حاصل ڪن ٿا، دل ۾ ديدار جو شوق جاڳي پئي ٿو، محبتِ الٰهي ۾ ٻُڏي ڪري عرض ڪندا آهن :

رَبِّ اَرِنِیْۤ اَنْظُرْ اِلَیْكَؕ          (پارہ:9، سورۂ اعراف:143)        

ترجمو ڪنزالعرفان: اي منهنجا رب ! مون کي پنهنجو جلوو ڏيکار ته جيئن مان تنهنجو ديدار ڪيان. 

 الله! الله! هتي سوال ڪيو پيو وڃي، التجا ڪئي پئي وڃي ته مولى! پنهنجو جلوو ڏيکار. جواب مليو:

لَنْ تَرٰىنِیْ    (پارہ:9، سورۂ اعراف:143)

                        ترجمو ڪنزالعرفان: تون مون کي هر گز نه ڏسي سگهندين.

لفظن جو حسن ته ڏسو ! هي نه فرمايو ويو ته اي موسيٰ ! منهنجو ديدار ٿي نه ٿو سگهي، پر فرمايو ويو :