Book Name:Pul Sirat Ke 7 Marahil
نصيب ٿي وڃي، نه ته اسان جا حال ته بس اهڙا ئي آهن. قبر ۽ قيامت جا وڏا وڏا خطرات اسان جي سامهون آهن، اُن جي باوجود اسان کي فضول شين مان فرصت ئي نه ٿي ملي! * نمازن جي پابندي آهي، جيڪا ٿي نٿي سگهي * کائو، پيو، جان بڻايو جا نعرا لڳائيندا رهون ٿا * بس سير و تفريح، * دوستن جون ويهڪون آهن * موبائل فون تي اجايون مصروفيتون * ڳالهه ڳالهه تي ٽهڪ، * دوستن سان ويهي ڪري هڪٻئي تي طنز، اوچي اوچي آواز ۾ کلڻ ، ٽهڪ ڏيڻ اسان جي عادتن جو حصو آهي. افسوس! اسان جا حال ايترا بي فڪري وارا آهن جڏهن ته قبر و حشر ۽ پُلِ صراط جا خطرا اسان جي سامهون آهن. حضرت حسن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ شخص کي ڏٺو جيڪو کِلي رهيو هو. فرمايائون: اي نوجوان! ڇا تون پُلِ صراط مان گذري چڪو آهين؟عرض ڪيائين: نه! پوءِ فرمائون: ڇا توکي يقين آهي ته تون جنت ۾ ويندين يا دوزخ ۾؟ عرض ڪيائين: نه! فرمايائون: فَمَا ھٰذَا الضِّحْکُ يعني پوءِ تنهنجو هيءُ کلڻ ڪهڙي خوشيءَ تي آهي؟ ) يعني جڏهن اهڙيون مشڪلاتون تنهنجي سامهون آهن ۽ توکي پنهنجي نجات جو به پتو ناهي ته پوءِ ڪهڙي خوشيءَ تي کِلي رهيو آهين؟). ڪاش! اسان کي به اهڙي توفيق ملي، ڪاش! اهي نصيحتون اسان جي دل تي اثر ڪري وڃن ۽ اسان قبر، قيامت ۽ پُلِ صراط تان گذرڻ جي تياريءَ ۾ لڳي وڃون.
روايتن ۾ آهي: پُلِ صراط جا 7 مرحلا آهن، انهن مان هر مرحلي تي انسان کي روڪيو ويندو ۽ مختلف سوال پڇيا ويندا. اهي ڪهڙا سوال هوندا؟ توجھ سان ٻڌو! ۽ غور به ڪيو ته اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جا اسان تي ڪهڙا ڪهڙا احسان آهن ته جيڪي معاملات اسان سان پيش اچڻ وارا هئا، انهن جي متعلق پهريان ئي خبردار فرمائي ڇڏيو، ته جيئن اسان اڳواٽ ئي تياري ڪري وٺون. پُلِ صراط جي انهن 7 مرحلن جا 7 سوال، هاڻي کان ئي تيار ڪيون، ته جيئن اسان نجات جا حقدار ٿي سگهون.
(1) پهريون مرحلو: نماز بابت سوال ٿيندو.
جڏهن انسان پهريون مرحلو پار ڪندو ته حڪم ٿيندو: