Pul Sirat Ke 7 Marahil

Book Name:Pul Sirat Ke 7 Marahil

وَ قَضٰی رَبُّکَ اَلَّا تَعۡبُدُوۡۤا اِلَّاۤ  اِیَّاہُ وَ بِالۡوَالِدَیۡنِ اِحۡسَانًا ؕ

 (پارہ:15، سورۀ بنی اسرائیل:23)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ توهان جي ربّ حڪم فرمايو آهي ته ان کان سواءِ ڪنهن جي عبادت نه ڪيو ۽ ماءُ پيءُ سان چڱو سلوڪ ڪيو.

والدين جي ادب  جي مُتعلق حديثون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: الله پاڪ جي رضا والدين جي رضا ۾ آهي ۽ الله پاڪ جي ناراضگي والدين جي ناراضگي ۾ آهي. هڪ حديث شريف ۾ آهي: ٽي ماڻهو جنت ۾ نه ويندا. (1) والدين جو نافرمان. (2) ديّوث (يعني گهر وارن تي غيرت نه کائڻ وارو مرد۔) (3) اهي عورتون، جيڪي مردن وانگر حُليو ٺاهين.

ظالم والدين جي به فرمانبرداري لازمي آهي

آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّمَ فرمايو: جنهن شخص هن حال ۾ صبح ڪئي جو پنهنجي والدين جو فرمانبردار آهي، ان جي لاءِ صبح جو ئي جنت جا 2 دروازا کُلي ويندا آهن ۽ والدين مان ڪو هڪ ئي  هجي ته هڪ دروازو کُلندو آهي. جنهن شخص هن حال ۾ شام ڪئي جو والدين جي باري ۾الله پاڪ جي نافرماني ڪندو آهي ته ان جي لاءِ صبح جو ئي جهنّم جا ٻه دروازا کُلي ويندا آهن ۽ جيڪڏهن (ماءُ پيءُ مان) هڪ هجي ته هڪ دروازو کُلندو آهي. هڪ شخص عرض ڪيو: جيتوڻيڪ والدين ان تي ظلم ڪن. فرمايائون: جيتوڻيڪ ظلم ڪن، جيتوڻيڪ ظلم ڪن، جيتوڻيڪ ظلم ڪن.[1]

دل دُکھانا چھوڑ دیں ماں باپ کا                                                                                                ورنہ اس میں ہے خسارہ آپ کا

 پيارا اسلامي ڀائرو! ماءُ پيءُ ته ماءُ پيءُ ئي هوندا آھن، انهن جا اسان تي بيشمار احسان آھن، انهن جي ڪري ئي اسان ھن دنيا ۾ آيا آھيون، اڄ اسان جيڪو ڪجهه به آھيون، اهو به انهن جي بدولت آھي، لهٰذا پاڻ تي اهو لازم ڪري ڇڏيو! ته هميشه انهن سان نيڪ سلوڪ ڪرڻو آھي، انهن جي طرفان چاهي بظاهر


 

 



[1]... شعب الایمان، باب بر الوالدین، فصل فی حفظ حق الوالدین...الخ، جلد:6، صفحہ:206، حدیث:7916۔