Book Name:Pul Sirat Ke 7 Marahil
وَ قِفُوۡھُمۡ اِنَّہُمۡ مَّسۡئُوۡلُوۡنَ ﴿ۙ۲۴﴾
(پارہ:23، سورۀ صفت:24)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ انهن کي روڪيو، بيشڪ انهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي.
هتي نماز جي باري ۾ پڇيو ويندو، پوءِ جنهن جون نمازون مڪمل هونديون، اهو پُلِ صراط کان نجات حاصل ڪندو نه ته هلاڪت ۾ پئجي ويندو.[1]
هاڻي اسان غور ڪيون! ڇا اسان پنجئي وقت نمازون پابندي سان ادا ڪيون ٿا؟
افسوس! افسوس! اڄڪلهه ماڻهن ۾ نماز جي تمام وڏي سستي ملي ٿي. ڪيترائي ته نماز پڙهندا ئي ناهن! جيڪي پڙهندا آهن، انهن مان به
ڪجهه ڪڏهن 2، ڪڏهن 4، ته ڪڏهن 5 ئي پڙهي وٺندا آهن. جيڪي پنج وقت جا پڪا نمازي آهن، انهن مان به ڪيترن کي صحيح
نموني نماز پڙهڻ ئي ناهي ايندي.
پيارا اسلامي ڀائرو! نمازون 2 يا 4 نه پر پنج ئي فرض آهن.
جيڪي ماڻهو 2 يا 4 پڙهي دل کي تسلي ڏئي ڇڏيندا آهن ته اڄ مون ايتريون نمازون پڙهيون آهن، انهن کي خوش ٿيڻ
بجاءِ ڊڄڻ گهرجي ته جيڪڏهن 2 پڙهيون آهن ته 3 قضا به ڪري ڇڏيون آهن. اعليٰ حضرت، امامِ اهلِ سنت، امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:
جنهن ڄاڻي واڻي هڪ وقت جي نماز ڇڏي اهو هزارين
سال جهنم ۾ رهڻ جو مستحق ٿيو، جيستائين توبه نه ڪري ۽ ان جي قضا نه پڙهي.[2]
پيارا اسلامي ڀائرو! نماز نه پڙهڻ تمام وڏو گناهه آهي. الله پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ فرمائي ٿو
فَخَلَفَ مِنۡۢ بَعۡدِہِمۡ خَلۡفٌ اَضَاعُوا الصَّلٰوۃَ وَ اتَّبَعُوا الشَّہَوٰتِ فَسَوۡفَ یَلۡقَوۡنَ غَیًّا ﴿ۙ۵۹﴾ (پارہ:16 ، سورۀ مریم:59)
ترجمو ڪنزالايمان: پوءِ انهن جي پٺيان انهن جي جاءِ تي اهي نالائق آيا جن نمازون وڃايون ۽ پنهنجي خواهشن جي پٺيان لڳا عنقريب پوءِ اهي دوزخ ۾ ’’غَيّ‘‘ جو جهنگ ڏسندا.