Book Name:Pul Sirat Ke 7 Marahil
ويو جيئن اڄ ئي ماءُ جي پيٽ مان پيدا ٿيو آهي.[1] جنهن رمضان جا روزا رکيا وري ان کان پوءِ ڇهه شوال ۾ رکيائين۔ ته ائين آهي جيئن دهر يعني سڄي عمر جوروز رکيو.[2] خليلِ ملّت حضرتِ علامه مولانا مفتي محمد خليل خان قادِري برڪاتي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هي روزا عيد کان پوءِ لڳاتار رکيا وڃن تڏهن به حرج ناهي ۽ بهتر هي آهي ته متفرق (يعني وقفو ڪري) رکيا وڃن يعني هر هفتي ۾ ٻه روزا ۽ عيد الفطر جي ٻئي ڏينهن هڪ روزو رکي وٺي ۽ پوري مهيني ۾ رکي ته اڃان به مناسب معلوم ٿئي ٿو. [3]
الله! الله! خبر پئي ته گناهه کي معمولي سمجهڻ منافق جي نشاني آهي. افسوس! اڄ اسان وٽ ته هيءَ ڳالهه هڪ عام معمول بڻجي وئي آهي. * ماڻهو گناهه ڪندا آهن. * نمازون قضا ٿينديون آهن، * مسجدون ويران آهن، * بازارن ۾ ڪوڙ، دوکو، دغابازي عام آهي، * گهر گهر ته ڄڻ سينما بڻيل آهن، * فلمن، ڊرامن، موسيقي وغيره جو هر گهر ۾ راڄ آهي. ان جي باوجود اسان کي انهن گناهن جو احساس به ناهي ٿيندو. الله اسان کي سمجهه عطا فرمائي! اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
چنڊ رات تي قافلن ۾ سفر جي ترغيب
پيارا اسلامي ڀائرو! رمضان المبارڪ جو مهينو هاڻي چند گهڙين جو مهمان رهجي ويو آهي ۽ جلد ئي اسان کان الوداع ٿيڻ وارو آهي. پوءِ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! چنڊ رات جي آمد آمد ٿيندي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! هر سال اعتڪاف جي سعادت ماڻيندڙ خوشنصيب اسلامي ڀائر ۽ ٻيا عاشقانِ رسول پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش سان سرشار ٿي، هن رات قافلن جا مسافر بڻجندا آهن. هي ڪم جيتوڻيڪ ڏکيو ضرور آهي پر ياد رکو! نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ ان راهه ۾ مشقتون برداشت ڪرڻ انبياء جي سنت آهي.