Book Name:Pul Sirat Ke 7 Marahil
پڙهڻ (2) امانت ۾ خيانت ڪرڻ (3) رشتيدارن سان بدسلوڪي ڪرڻ ۽ رشتا ٽوڙڻ (4) والدين جو ادب نه ڪرڻ (5) زبان سان گناهن ڀريون ڳالهيون ڪرڻ (6) پاڙيسرين جا حق ادا نه ڪرڻ (7) ڪوڙ ڳالهائڻ. الله پاڪ اسان سڀني کي انهن سڀني بُرائين کان محفوظ فرمائي۔ ڪاش! اسان پُل صِراط کان آسانيءَ سان گذريڻ ۽ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي شفاعت جي صدقي جنت ۾ پهچڻ نصيب ٿي وڃي! آمين۔
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت ابو هُريره رَضِيَ اللهُ عَنهُ کان روايت آهي، رسولِ ذي شان، مڪي مدني سلطان صَلَّي اللهُ عَلَيهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّمَ فرمايو: مَنْ اَحْسَنَ الصَّدَقَۃَ فِی الدُّنْیَاجَازَعَلَی الصِراط جنهن دنيا ۾ چڱي طرح صدقو ڏنو، اهو پُلصِراط تان (آساني سان) گذري ويندو.[1]
جيڪڏهن اسان به پُل صِراط تي آساني سان گذرڻ جا خواهشمند آهيون ته اسان کي صدقو ڏيڻ جي عادت بڻائڻي پوندي. صدقو ڏيڻ جا تمام گهڻيون فضيلتون آهن: * صدقو برائين جا 70 دروازا بند ڪندو آهي. * صدقو ڏيڻ وارو قيامت جي ڏينهن پنهنجي صدقي جي ڇانوَ ۾ هوندو. * صدقو قبر جي گرمي کان بچائيندو آهي. * صدقو گناهن کي اهڙي طرح مٽائي ڇڏيندو آهي، جيئن پاڻي باهه کي وسائي ڇڏيندو آهي. * صدقو آفتن ۽ بلائن کي روڪيندو آهي* صدقو عمر کي وڌائيندو آهي. * صدقو بُري موت ۽ بُري خاتمي کان بچائيندو آهي. * صدقو الله پاڪ جي غضب کي وسائيندو آهي. * صدقو رزق ۾ وسعت ۽ مال جي گهڻائي جو سبب بڻجندو آهي. * صدقو غربت ۽ ناداري کي ختم ڪندو آهي.[2] غرض! صدقو ڪيترن ئي ڀلائين جا دروازا کوليندو آهي ۽ ڪيترن ئي برائين جا دروازا بند ڪندو آهي. تنهنڪري اسان کي گهڻو گهڻو صدقو ۽ خيرات ڏئي پنهنجي قبر ۽ آخرت جي بهتري جو سامان ڪرڻ گهرجي.