Book Name:Pul Sirat Ke 7 Marahil
ڪندو آهي ته ناشڪري ڪندو آهي۽ جڏهن ناشڪري ڪندو آهي ته جهنم ۾ داخل ٿي ويندو آهي۔ [1]
ہائے نافرمانیاں بدکاریاں بے باکیاں آہ! نامے میں گناہوں کی بڑی بھرمار ہے
زِندگی کی شام ڈھلتی جارہی ہے ہائے نَفْس! گرم روز و شَب گناہوں کا ہی بس بازار ہے([2])
الله پاڪ جي آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: خواب ۾ هڪ شخص مون وٽ آيو ۽ چيائين: هل! مان ان سان گڏ هليو ويس، مون ٻه ماڻهو ڏٺا، انهن مان هڪ بيٺو ۽ ٻيو ويٺو هو. بيٺل شخص جي هٿ ۾ هڪ لوهي اوزار هو، جيڪو ويٺل شخص جي هڪڙي ڄاڙي ۾ وجهي ان کي ڪنڌ تائين چيري ڇڏي پيو، پوءِ ڪڍي ٻئي ڄاڙي ۾ وجهي چيري ڇڏي پيو. ايتري ۾ پهرين ڄاڙي واپس پنهنجي اصلي حالت ۾ اچي وڃي پئي، مون آڻڻ واري ان شخص کان پڇيو: هي ڇا آهي؟ هن چيو: هي ڪوڙو ماڻهو آهي، کيس قيامت تائين قبر ۾ اهو ئي عذاب ملندو رهندو۔[3] سوچڻ جي ڳالهه آهي! دنيا ۾ ڏاٺ جو سور برداشت نه ڪرڻ وارو، آخرت ۾ ڄاڙيون چيرجڻ جو سور ڪيئن سهي سگهندو؟ دنيا ۾ رڳو هڪ مڇر جي چڪ هڻڻ تي بيقرار ٿيڻ وارو، ڪوڙ ڳالهائڻ جي سبب قبر جو عذاب ڪيئن برداشت ڪري سگهندو؟
انهي ڪري اسان کي گهرجي ته
هميشه سچ ڳالهايون، ڪوڙ کان بچندا رهون.
الله پاڪ اسان سڀني کي سچ ڳالهائڻ ۽ ڪوڙ کان
بچڻ جي توفيق عطا فرمائي.اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى
اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان پُل صِراط جي باري ۾ بيان ٻڌو، خاص طور تي 7 قسم جون بُرايون آهن جيڪي پُل صِراط تي ڦاسائي سگهن ٿيون: (1) نماز نه