Book Name:Pul Sirat Ke 7 Marahil
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمينٽ طرفان تمام فائديمند موبائل ايپلي ڪيشن بنام ”فيضانِ حديث“ Play Store ۽ App Store تي پيش ڪئي وئي آهي. هن ايپلي ڪيشن ۾ توهان کي حديث پاڪ جون مشهور ڪتابون جيئن: * مِشْکٰوۃُ الْمَصَابِیْح ۽ ان جي اردو شرح مِرْاٰۃُ الْمَنَاجِیْح * الأربَعِیْنِ النّوویَّۃ اردو ترجمو ۽ شرح سان گڏ* رِیاضُ الْصَّالِحِین اردو ترجمو ۽ شرح سان گڏ * أَربَعِیْنِ حَنَفِیَّہ (اردو) * ۽ مُنْتَخَب اَحَادِیث (اردو) * هن ايپلي ڪيشن جي مدد سان توهان حديثِ ڪريمه کي ڪتابي صورت ۾ (يعني جلدن جي اعتبار سان) به پڙهي سگهو ٿا ۽ مختلف موضوعات جي اعتبار سان پنهنجي مطلوبه موضوع جو مطالعو به ڪري سگهو ٿا. * سرچ آپشن جي مدد سان حديثِ مبارڪه سرچ به ڪري سگهو ٿا. * حديثِ پاڪ جو عربي متن اعراب سان ۽ اعراب جي بغير ٻنهي طرح ڏسڻ جي سهولت رکي وئي آهي. * مطالعي جي نوٽس محفوظ ڪرڻ لاءِ پسنديده احاديث کي Favorite ڪرڻ جو آپشن به ڏنو ويو آهي. * مختلف فونٽس ۽ احاديث شيئرنگ جي سهولت به ڏني وئي آهي. اڄ ئي پنهنجي موبائل ۾ هي ايپلي ڪيشن ڊائون لوڊ ڪريو! خود به حديثِ پاڪ جو فيضان وٺو! ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو!
صَلُّوْا
عَلَی الْحَبِیْبِ! صَلَّی اللہُ
عَلٰی مُحَمَّد
مُختصر شرح بُخاري
مڪتبة المدينه پيش ڪري رهيو آهي مختصر صحيح بخاري جي شرح بنام ضياء القاري شرح مختصر صحيح بخاري، تمام پياري شرح آهي، ان جي پهرين جلد مڪتبة المدينه طرفان پيش ڪئي وئي آهي. هن ڪتاب کي مڪتبةالمدينه جي ڪنهن به شاخ تان 1700 روپين ۾ قيمت ڏئي حاصل ڪيو! پاڻ به مطالعو ڪيو! ٻين کي به ان جي ترغيب ڏيو.
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد