Pul Sirat Ke 7 Marahil

Book Name:Pul Sirat Ke 7 Marahil

صله رحمي جا 10 فائدا

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت فقيه ابوالليث سمرقندي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا؛ صلهءِ رحمي ڪرڻ جا 10 فائدا آهن؛ (1) الله پاڪ جي رضا حاصل ٿيندي آهي  (2) ماڻهن جي خوشي جو سبب آهي (3) ملائڪن کي خوشي ٿيندي آهي     (4) مسلمانن طرفان ان شخص جي واکاڻ ٿيندي آهي (5)  شيطان کي انهي سبب رنج ٿيندو آهي (6) عمر وڌندي آهي (7) رزق ۾ برڪت ٿيندي آهي (8) وفات ٿيل آباء و اجداد (يعني مسلمان ماءُ پيءُ) خوش ٿيندا آهن (9) پاڻ ۾ محبت وڌندي آهي (10) وفات کان پوءِ ان جي ثواب ۾ اضافو ٿي ويندو آهي ڇوته ماڻهو ان جي حق ۾ دعاءِ خير ڪندا آهن.            [1] 

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

(4) ڇوٿين مرحلي ۾ والدين جي متعلق سوال ٿيندو

 پيارا اسلامي ڀائرو! پُل صِراط جي چوٿين مرحلي تي وري روڪيو ويندو ۽ چوٿون سوال ٿيندو:  ڇا تو پنهنجي والدين سان نيڪ سلوڪ ڪيو؟ جيڪڏهن ڪيو هوندو ته ٻانهو نجات ماڻي وٺندو، نه ته جهنّم ۾ ڪري هلاڪ ٿي ويندو.[2]  هن مان معلوم ٿيو ته، پلصراط پار ڪري جنت تائين پهچڻ جي لاءِ والدين سان نيڪ سلوڪ ڪرڻ به انتهائي ضروري آهي، نه ته پُل صِراط تي ڦاسي جهنّم جو حقدار به بڻجي سگهو ٿا.

والدين جو اَدب لازم آهي

انهي ڪري اسان کي گهرجي ته والدين سان نيڪ سُلوڪ ڪيون، انهن جي خوب خدمت ڪيون، انهن کي ڏُک تڪليف هرگز نه پهچايون. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:


 

 



[1]... تَنبیہُ الغافِلین ، باب صلۃ الرحم، صفحہ:74۔

[2]... بستان الواعظین، مجلس فی ذکر المیزان و الصراط، صفحہ:87۔