Pul Sirat Ke 7 Marahil

Book Name:Pul Sirat Ke 7 Marahil

دیدارِ حق دکھائے گی اے بھائیو! نماز!                      جنّت تمہیں دِلائے گی اے بھائیو! نماز!

دربارِ مصطفی میں تمہیں لے کے جائے گی               خالق سے بخشوائے گی اے بھائیو! نماز!

جنّت میں نرم نرم بچھونوں کے تخت پر             آرام سے سُلائے گی اے بھائیو! نماز!

فاقے سے مُفلسی سے جہنّم کی آگ سے               سب سے تمہیں بچائے گی اے بھائیو نماز!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

(2) ٻي مرحلي ۾ امانت جو سوال ٿيندو

 پيارا اسلامي ڀائرو! هي پُل صِراط جي پهرئين مرحلي جو بيان هو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو نمازي هوندو ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! پهريون مرحلو آسانيءَ سان پار ڪري ويندو. هاڻي ٻئي مرحلي تي روڪيو ويندو، هتي امانت بابت سوال ٿيندو. جيڪو امانتدار هوندو، اهو نجات ماڻي ويندو نه ته اهو جهنم ۾ ڪري هلاڪ ٿي ويندو .[1]

خبر پئي، پُل صِراط کان سلامتيءَ سان پار ٿيڻ لاءِ امانت دار هجڻ به تمام ضروري آهي. افسوس! اڄڪلهه هن معاملي ۾ به ماڻهو پنهنجي ڪردار کي بگاڙي رهيا آهن.  اڄڪلهه ڪنهن وٽ ڪجهه دير لاءِ به امانت رکڻ کان پهريان سوين ڀيرا سوچڻو پوندو آهي. لالچ ايتري وڌي وئي آهي جو ماڻهو صرف چند هزار رپين جي لالچ ۾ اچي خيانت جو وڏو گناهه ڪمائي وٺندا آهن.

خيانت وڏو گناهه آهي

ياد رکو!  امانت ۾ خيانت ڪرڻ (يعني جيڪڏهن ڪنهن امانت رکي ته ان جي اجازت کان سواءِ ان ۾ تصرف ڪرڻ، ان کي پنهنجي استعمال ۾ آڻڻ، ڪنهن ٻئي کي ڏيڻ يا ان جي پوري طرح حفاظت نه ڪرڻ وغيره) تمام وڏو گناهه، حرام ۽ جهنم ڏانهن وٺي وڃڻ وارو عمل آهي.[2] اللّه پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ فرمائي ٿو:


 

 



[1]... بستان الواعظین، مجلس فی ذکر المیزان و الصراط، صفحہ: 85۔

[2]... الحدیقۃ الندیۃ، الخلق الثانی والعشرون...الخ، جلد:3، صفحہ:131۔