Book Name:Pul Sirat Ke 7 Marahil
* انبياءِ ڪرام * صحابه ڪرام * نيڪ ماڻهو نيڪي جي دعوت ڏيڻ لاءِ گهرن مان نڪرندا هئا. * دور دراز علائقن تائين هليا ويا، * هجرتون ڪندا ۽ * مشقتون برداشت ڪري دين جو پيغام عام ڪندا هئا. * اڳين جي قربانين سان ئي اسان تائين دين پهتو آهي. * توهان به چانڊ رات کان قافلي ۾ سفر ڪرڻ جي نيت ڪري وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! تمام گهڻيون برڪتون ملنديون. * قافلي ۾ فرض علمِ دين سيکاريو ويندو آهي. * سنتون سيکاريون وينديون آهن. * نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي. * قافلي جي برڪت سان دعائون پوريون ٿيڻ، * مشڪلاتون ٽرڻ * بيمارين کان شفا ملڻ جا به سوين واقعا آهن. * ايئن به ٿيو آهي ته قافلي ۾ سفر ڪرڻ وارن عاشقانِ رسول جي حوصلا افزائي لاءِ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪرم فرمايو، خواب ۾ تشريف وٺي آيا ۽ شرڪاءِ قافله کي ديدار جو جام پياريو. الله پاڪ اسان عمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
هڪ مزدور جا گردو فيل ٿي ويا. عزيزن اسپتال ۾ داخل ڪرايو. سندس اوباش ڀاڻيجو عيادت لاءِ آيو. مامو زندگي جون آخري گهڙيون ڳڻي رهيو هو. هن جي دل ڀرجي آئي ۽ اکين مان ڳوڙها وهي پيا. هن ٻڌو هو ته دعوتِ اسلامي جي قافلي ۾ سفر دوران دعا قبول ٿيندي آهي. جيئن ته هو قافلي ۾ سفر تي هليو ويو ۽ خوب روئي روئي مامي جي صحت يابي لاءِ دعا ڪئي. جڏهن واپس موٽيو ته مامو صحتياب ٿي گهر به اچي چڪو هو ۽ هاڻي نماز لاءِ گهر کان نڪري مسجد ڏانهن وڃي رهيو هو. هي رحمت ڀريو منظر ڏسي ان نوجوان گناهن ڀري زندگي کان توبه ڪئي ۽ نيڪ نمازي بڻجي ويو.
مرض گھمبیر ہو، گر چِہ دِلگیر ہو ہوں گی حل مشکلیں قافلے میں چلو
غم کے بادَل چھٹیں اور خوشیاں ملیں دل کی کَلیاں کھلیں قافلے میں چلو
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد