Book Name:Pul Sirat Ke 7 Marahil
دنيا ۾ جيترو گهڻو درودِ پاڪ پڙهندو، ان کي اوترو ئي وڌيڪ نورِ مصطفىٰ نصيب ٿيندو ۽ اهو اوتري ئي جلدي پُل صِراط کي پار ڪري ويندو.[1]
پُل سے اُتارو راہ گزر کو خبر نہ ہو جِبریل پر بِچھائیں تو پر کو خبر نہ ہو
کانٹا مِرے جگر سے غَمِ رُوزگار کا یُوں کھینچ لیجیے کہ جِگر کو خبر نہ ہو
فریاد اُمَّتی جو کرے حالِ زار میں ممکن نہیں کہ خیرِ بشَر کو خبر نہ ہو
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارو مدار نيتن تي آهي۔ ([2])
اي عاشقانِ رسول! سٺي نيت جنَّت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا! مان نيتون ڪرايان ٿو، اوهان دل ۾ ارادو ڏسو ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـہُ الْکَریم! چئي ڪري ان جو اظهار ڪيو: * عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان جا اهم نڪتا لکندس * جيڪو ٻُڌندس، گهر وارن کي، ٻارن کي، دوستن احبابن کي ٻڌائي ڪري علمِ دين جو ثواب ڪمائيندس.
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
حضرت جنيد بغدادي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تمام وڏا وليُ الله ٿي گذريا آهن، پاڻ کي سيد الطائِفَہ (يعني وليُن جو سردار) به چيو ويندو آهي. پاڻ سلسله عاليه قادريه جا 11 هان شيخِ طريقت آهن، جڏهن ته حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه 17 هان شيخ آهن. يعني ضرت جنيد بغدادي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه، پيرَن جي پير، حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي پيرَن مان آهن. هن مان اندازو لڳايو ته پاڻ ڪيڏي نه بلند مرتبي واري هستي هوندا.