Pul Sirat Ke 7 Marahil

Book Name:Pul Sirat Ke 7 Marahil

ڪا تڪليف به پهچي، تڏهن به انهن سان ڀلائي ئي ڪرڻي آھي۔ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جون برڪتون ضرور نصيب ٿينديون.[1]  

(5): پنجون مرحلي ۾ زبان جي متعلق سوال ٿيندو

پيارا اسلامي ڀائرو! پُل صِراط جي پنجين مرحلي تي پنجون سوال زبان جي مُتعلق ٿيندو يعني پُڇيو ويندو ته توهان پنهنجي زبان کي غيبت، چغلي وغيره گناهن کان بچايو يا نه؟ جيڪڏهن زبان کي انهن گناهن کان بچايو هوندو ته ماڻهو نجات ماڻي ويندو، ٻي صورت ۾ هلاڪ ٿي ويندو۔[2]

حديث پاڪ ۾ آهي: جيڪو شخص ڪنهن مسلمان بابت اهڙي ڳالهه ڪري، جنهن جو مقصد ان کي عيب لڳائڻ هجي، ته الله پاڪ ان کي پُل صِراط تي روڪي ڇڏيندو، جيستائين  اُن شيءِ مان نه نڪري، جيڪا هن چئي هئي (يعني جيستائين ان جي سزا نه ڀوڳي يا متعلقه فرد کان معاف نه ڪرائي، تيستائين پُل صِراط پار نه ڪري سگهندو).[3]

   پيارا اسلامي ڀائرو!  * غيبت * چغلي * بهتان (يعني الزام تراشيون) * ٻين جا اُبتا سُبا نالا پڪاري مذاق اُڏائڻ * ڪنهن جي رنگ، قد وغيره تي طنز ڪرڻ انتهائي برا عمل، گناهه، حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارا ڪم آهن۔

اسان کي گهرجي ته پنهنجي زبان تي ڪنٽرول رکون، صرف سٺيون ۽ سچيون ڳالهيون ڪيون  نه ته خاموش رهڻ ئي بهتر آهي، خاص ڪري گناهن سان ڀريل ڳالهيون ته بلڪل به زبان تي نه آڻيون۔

غيبت جون تباه ڪاريون

 امير اهل سُنت مولانا محمد الياس عطار قادري پنهنجي ڪتاب ”غيبت جون تباھ ڪاريون“ ۾ حديثن ۽ روايتن جي روشني ۾ لکن ٿا:  * غيبت ايمان کي ڪَپي ڇڏيندي  آهي. *  غيبت بُري خاتمي جو سبب آهي * ڪثرت سان غيبت


 

 



[1]... مستدرک، کتاب الایمان، جلد:1، صفحہ:176، حدیث:66۔

[2]... بستان الواعظین، مجلس فی ذکر المیزان و الصراط، صفحہ:

[3]... الزہد لابن مبارک، باب ماجاء فی الشح، صفحہ:219، حدیث:686۔