Book Name:Pul Sirat Ke 7 Marahil
اَلۡـحَـمۡـدُ لِـلّٰـہِ رَبِّ الۡـعٰـلَـمِیۡنَ وَ الـصَّـلٰـوۃُ وَ الـسَّـلَامُ عَـلٰی خَاتَمِ النَّبِیّٖن ط
اَمَّـا بَــعۡـدُ فَـاَعُـوۡذُ بِـا لـلّٰـہِ مِـنَ الـشَّـیۡـطٰنِ الـرَّجِیۡمِ ط بِـسۡمِ الـلّٰـہِ الـرَّحۡـمٰنِ الـرَّحِـیۡمِ ط
وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه
وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه
نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)
فرمانِ مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: مون تي درود پاڪ پڙهڻ پُلصراط تي نُور آهي، جيڪو جمعي جي ڏينهن مون تي 80 ڀيرا درود شريف پڙهي، ان جا 80 سالن جا گناھ معاف ٿي ويندا.
ذاتِ والا پہ بار بار دُرود بار بار اور بے شمار دُرود
بے عدد اور بے عدد تسلیم بے شمار اور بے شمار دُرود
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! درودِ پاڪ جي به ڇا نرالي شان آهن! پُل صِراط، جيڪو وارن کان به وڌيڪ باريڪ، تلوار کان تيز ۽ اونداھيءَ ۾ ٻڏل آهي، هتي دنيا ۾ محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي حضور درودِ پاڪ جا نظرانا پيش ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! پُل صِراط تي نور ملندو، جنهن جي روشنيءَ ۾ پل صراط پار ڪرڻ آسان ٿي پوندو.
علامه ابن جوزي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: قيامت جي ڏينهن، جڏهن ماڻهو پُل صِراط تان گذري رهيا هوندا، ان وقت سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي چهري مبارڪ جو نور چمڪندو، جيڪو پُل صِراط تان گذرڻ وارن کي ڍڪي ڇڏيندو، جنهن کي چهره مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نُور جو جيترو حصو نصيب ٿيندو، انهي جي مطابق اهو اوترو ئي جلدي پُل صِراط پار ڪندو.
قيامت جي ڏينهن اهو پاڪ نور، درودِ پاڪ پڙهڻ جي مطابق ڏنو ويندو. جيڪو