Book Name:Pul Sirat Ke 7 Marahil
خواب ڏسڻ سان ئي وار اڇا ٿي ويا
امام ابنِ اَبي دُنيا لکن ٿا: هڪ نوجوان شخص هو، جنهن جي مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جا سڀ وار ڪارا هئا. هڪ رات جڏهن هو سُتو ته خواب ڏٺائين ته قيامت جو ميدان لڳل آهي، ماڻهن کي گڏ ڪيو ويو آهي، ڇا ٿو ڏسي ته باهه جي وڏي نهر آهي، اُن جي مٿان هڪ پُل رکيل آهي ۽ ماڻهو ان تان گذري رهيا آهن. آواز ڏنو پيو وڃي: اي فلاڻا! تون گذر! جنهن جنهن جو نالو پڪاريو پيو وڃي، اهو پُلِ صراط تان گذري رهيو آهي، ڪي ته ان کي پار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيا آهن، ڪي دوزخ ۾ ڪري تباهه ٿي رهيا آهن. اهو شخص چئي ٿو: ايتري ۾ مون کي به منهنجي نالي سان سڏ ڪيو ويو، مان پُلِ صراط تي چڙهيس، جيڪو تلوار کان به وڌيڪ تيز هو. مان جڏهن ان تان گذري رهيو هيس ته منهنجو وجود ڏڪي رهيو هو.
راوي چئي ٿو: هي شخص جڏهن سُتو هو ته ان جا وار ڪارا هئا، پر جڏهن جاڳيو ته پُلِ صراط جي دهشت سبب ان جي مٿي ۽ ڏاڙهي جا سڀ وار اڇا ٿي ويا. [1]
الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! پُلِ صراط جي دهشت جو اندازو لڳايو! جڏهن قيامت جي هن خطرناڪ ترين مرحلي کي صرف خواب ۾ ڏسڻ سان ئي وار اڇا ٿي سگهن ٿا ته سوچو! جڏهن قيامت جي ڏينهن حقيقت ۾ اُن تان گذرڻو پوندو، تڏهن اسان جو حال ڇا هوندو...؟ افسوس! پُلِ صراط نهايت ئي خطرناڪ آهي، پر افسوس! اسان اڃا تائين غفلت مان بيدار نٿا ٿيون.
دل ہائے! گناہوں سے! بیزار نہیں ہوتا مغلوب شہا! نفسِ بدکار نہیں ہوتا
یہ سانس کی مالا اب، بس ٹوٹنے والی ہے غفلت سے مگر دل کیوں بیدار نہیں ہوتا
گو لاکھ کروں کوشش، اصلاح نہیں ہوتی پاکیزہ گناہوں سے کردار نہیں ہوتا
اے رب کے حبیب آؤ! اے میرے طبیب آؤ! اچھا یہ گناہوں کا بیمار نہیں ہوتا
ڪاش! اسان کي قبر و حشر، دوزخ ۽ پُلِ صراط جو صحيح معنيٰ ۾ خوف