Book Name:Pul Sirat Ke 7 Marahil
(3) ٽئين مرحلي تي صِله رحمي جو سوال ٿيندو
پيارا اسلامي ڀائرو! پُل صِراط جي ٽئين مرحلي تي وري روڪيو ويندو، هتي صِله رحمي (يعني رشتا نڀائڻ ۽ رشتيدارن سان نيڪ سلوڪ ڪرڻ) جي مُتعلق سوال ٿيندو. جيڪڏهن ماڻهو صِله رحمي ڪرڻ وارو ٿيو ته نجات ماڻي وٺندو، نه ته جهنّم ۾ ڪِري هلاڪ ٿي ويندو.[1]
حديث پاڪ ۾ آهي: امانت ۽ صِله رحمي کي موڪليو ويندو ته اهي پُل صِراط جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي بيهي رهنديون.[2]
پيارا اسلامي ڀائرو! هي پُل صِراط جو ٽيون سوال آهي۔ آهه! افسوس! اڄڪلهه صِله رحمي جو ته شايد نالو ئي رهجي ويو آهي، عام طور تي ماڻهو رشتا ناتا نڀائڻ بجاءِ ادلا بدلي ڪندا آهن، فلاڻي مون سان ڀلائي ڪئي هئي، لهٰذا مان به ان سان ڀلائي ڪندس، فلاڻي مون سان برائي ڪئي هئي، لهٰذا ان سان برائي ئي ڪندس، هي بلڪل غلط آهي.
اسان کي صِله رحمي جو حڪم ڏنو ويو آهي، هر اهو عزيز، رشتيدار جنهن سان نيڪ سلوڪ ڪرڻ جو شريعت اسان کي حڪم ڏنو آهي، ان سان نيڪ سُلوڪ ڪرڻ ضروري آهي ۽ تعلق ٽوڙڻ يعني قطع رحمي ڪرڻ گناههِ ڪبيره حرام ۽ جهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ اتَّقُوا اللّٰہَ الَّذِیۡ تَسَآءَلُوۡنَ بِہٖ وَ الۡاَرۡحَامَ ؕ
(پارہ:4، سورۀ نساء:1)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ الله کان ڊڄو، جنهن جي نالي تي اوهان هڪ ٻئي کان گهرندا آهيو ۽ رشتن (کي ٽوڙڻ کان بچو)
تفسيرِ مظهري ۾ آهي: يعني توهان قطع رحمي (يعني رشتيدارن سان تعلق ٽوڙڻ) کان بچو.[3]
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم: رشتيداري ٽوڙڻ وارو جنت ۾ نه ويندو.[4]