Book Name:Pul Sirat Ke 7 Marahil
اهو سلامتيءَ سان ان تان گذري ويندو ۽ جيڪو غير مسلم هوندو،
اهو ڪٽجي دوزخ جي کوٽائي ۾ ڪري پوندو.[1]
صحابي رسول زارو قطار رُئڻ لڳا
هڪ دفعي صحابي رسول حضرت عبد الله بن رواحه رَضِيَ اللّٰهُ عَنْهُ تمام گهڻو رُوئڻ لڳا، کين روئندو ڏسي، سندن زال به روئڻ لڳي، خادم ڏٺو ته اُهو به روئڻ لڳو، ٻيا گهر وارا به ڏسندي ئي ڏسندي روئڻ لڳا، جڏهن هيءَ رقّت انگيز ڪيفيت ختم ٿي، اکين جا وهندڙ لڙڪ ٿورو رڪجي ويا، ته حضرت عبد الله بن رواحه رَضِيَ اللّٰهُ عَنْهُ پڇيو: توهان سڀ ڇو روئي رهيا آهيو؟ عرض ڪيائون: اسان ته توهان کي روئندو ڏٺو ته اسان به روئڻ لڳاسين. فرمايائون: اڄ پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّمَ تي هيءَ آيت نازل ٿي، جنهن ۾ الله پاڪ ارشاد فرمايو:
وَ اِنۡ مِّنۡکُمۡ اِلَّا وَارِدُھَا ۚ
(پارہ:16، سورۀ مریم:71)
ترجمو ڪَنْزُ الْعِرْفَان: ۽ توهان مان هر هڪ دوزخ تان گذرڻ وارو آهي
افسوس! هن آيت ۾ هي ته ٻڌايو ويو آهي ته مونکي جهنم تان گذرڻو آهي پر هيءَ خبر نه ڏني وئي ته مان سلامتيءَ سان ان تان گذري ويندس يا نه.[2]
هيءَ ته اسان هڪ صحابي رَضِيَ اللّٰهُ عَنْهُ جو ذڪرِ خير ٻڌو! روايتن ۾ آهي: عام طور تي صحابن جو اهو معمول هوندو هو ته انهن مان جڏهن ٻه صحابي پاڻ ۾ ملندا هئا ته هڪ چوندو هو: ڇا توهان تائين هيءَ آيت پهتي آهي ته هر هڪ ماڻهوءَ کي دوزخ تان گذرڻو آهي؟ سامهون وارو صحابي چوندو هو: جي ها! مون تائين پهتي آهي. پهريون صحابي پڇندو هو: ڇا هيء به ٻڌايو ويو آهي ته توهان سلامتيءَ سان گذري جهنم کان نڪري ويندؤ؟ سامهون وارو چوندو هو: نه، اها خبر نه ڏني وئي. پهريون صحابي چوندو هو: بس! پوءِ هتي کل ڀوڳ ۾ ڇا رکيو آهي؟ [3]