Book Name:Pul Sirat Ke 7 Marahil
هاڻ ان کي ڇهين مرحلي تي روڪيو ويندو، هتي پاڙيسرين جي باري ۾ سوال ٿيندو، پڇيو ويندو ته ڇا پاڙيسرين سان نيڪ سلوڪ ڪيو؟ جيڪڏهن نيڪ سلوڪ ڪيو هوندو ته ماڻهو پُل صِراط پار ڪري وٺندو، ٻي صورت ۾ هلاڪ ٿي ويندو۔ [1]
معلوم ٿيو ته، پُل صِراط تان گذري جنت تائين پهچڻ لاءِ پاڙيسرين سان نيڪ سلوڪ ڪرڻ به انتهائي ضروري آهي، نه ته پُل صِراط پار ڪرڻ ممڪن نه ٿيندو۔
اي عاشقانِ رسول! اسلام ۾ پاڙيسري کي وڏي اهميت ڏني وئي آهي، ايتري قدر جو اهي عمل، جن جي ذريعي اسان جو ايمان مڪمل ٿيندو آهي، انهن ۾ پاڙيسرين سان چڱو سلوڪ ڪرڻ به شامل ڪيو ويو آهي يعني اسان ان وقت تائين مڪمل مؤمن نٿا بڻجي سگهون، جيستائين پاڙيسرين جا حق ادا نه ڪيون۔
حضرت عبدالله بن مسعود رَضِیَ اللہُ عَنْهُ کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللہُ عَلَیْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّمَ فرمايو: لَا یُؤْمِنُ عَبْدٌ لَا یَاْمَنُ جَارُہٗ بَوَائِقَہٗ يعني (اهو ٻانهو (ڪامل) مؤمن ناهي، جنهن جو پاڙيسري ان جي شر کان محفوظ نه هجي.[2]
هڪ ڀيرو الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٽي ڀيرا الله پاڪ جو قسم کڻي فرمايو: وَاللہِ لَایُؤْمِنُ الله جي قسم! اهو مؤمن نه ٿو ٿي سگهي وَاللہِ لَایُؤْمِنُ الله جي قسم! اهو مؤمن نه ٿو ٿي سگهي وَاللہِ لَایُؤْمِنُ الله جي قسم! اهو مؤمن نه ٿو ٿي سگهي. صحابه ڪرام رَضِیَ اللہُ عَنْهُم عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّی اللہُ عَلَیْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّمَ! ڪير مؤمن نه ٿو ٿي سگهي؟ فرمايو: اَلَّذِیْ لَا یَاْمَنُ جَارُہٗ بَوَائِقَہٗ اهو جنهن جو پاڙيسري ان جي شر کان محفوظ نه هجي۔[3]