Book Name:Pul Sirat Ke 7 Marahil
پُل صِراط کان نجات عطا فرمائي* الله پاڪ اَڄ جي رات جو صدقو عطا فرمائي ته اسان جو پُل صِراط تان بحفاظت گذر ٿي وڃي، ان خطرناڪ راهه تي اسان جا قدم نه ٿِڙن* ڪاش! پيارا محبوب صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّمَ رَبِّ سَلِّم جي صدا لڳائي رهيا هجن، اسان انهيءَ دل فزا ۽ اطمينان بخش آواز تي وجد ڪندي ڪاميابي ۽ ڪامراني سان پُل صِراط پار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون.
مغفرت کا ہوں تجھ سے سُوالی پھیرنا اپنے دَر سے نہ خالی
مجھ گنہگار کی اِلتجاء ہے یا خدا! تجھ سے میری دُعا ہے
آہ! رَنج و اَلم نے ہے مارا یااِلٰہی! مجھے دے سہارا
ایک غمگین دِل کی صدا ہے یا خدا! تجھ سے میری دُعا ہے ([1])
روزِ حشر جو انتهائي خطرناڪ مرحلو
پيارا اسلامي ڀائرو! قيامت جو معاملو نهايت هولناڪ ۽ خطرناڪ هوندو، * قيامت جي ڏينهن حساب جي انتظار ۾ بيهڻ به هڪ وڏي آزمائش هوندي، * الله پاڪ جي درٻار ۾ پيش ٿيڻ جو لمحو به ڏاڍو سخت هوندو، * ميزان تي اعمال تَورڻ جو مرحلو به انتهائي ڏکيو هوندو، * ۽ پُل صِراط تان گذرڻ ته سڀ کان وڌيڪ سخت ترين هوندو، شايد قيامت جي معاملن مان سڀ کان خطرناڪ مرحلو پُل صِراط ئي جو آهي. انهيءَ کان به وڌيڪ ڏکي ڳالهه اها آهي ته چاهي ڪو نيڪ هجي يا گنهگار، پرهيزگار هجي يا بدڪار و بدڪردار، هر ڪنهن کي پُل صِراط تان گذرڻو پوندو! الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو
وَ اِنۡ مِّنۡکُمۡ اِلَّا وَارِدُھَا ۚ
(پارہ:16، سورۀ مریم:71)
ترجمو ڪَنْزُ الْعِرْفَان: ۽ توهان مان هر هڪ دوزخ تان گذرڻ وارو آهي
هن آيت جو هڪ مطلب هيءُ آهي ته: پُل صِراط، جيڪو دوزخ جي مٿان وڇايو ويندو، هر ڪنهن کي انهيءَ تان ضرور گذرڻو آهي، ها! جيڪو مسلمان هوندو،