Book Name:Pul Sirat Ke 7 Marahil
ليلة الجائزھ (چنڊ رات) ۾ عبادت جي ترغيب
پيارا اسلامي ڀائرو! افسوس…!! رمضان المبارڪ اسان کان جدا ٿي رهيو آهي، ماھِ ذيشان اسان کي ڇڏي رهيو آهي، هن مُبارڪ مهيني جي هر گهڙي ئي رحمت ڀري آهي، جتي الله پاڪ اسان کي ليلةالقدر جهڙي عظيم رات عطا فرمائي اُتي هن مبارڪ مهيني جي فوراً بعد ليلة الجائزه (انعام جي رات) پڻ عطا فرمائي۔ * هن رات الله پاڪ پنهنجي رحمتن جو نزول فرمائيندو آهي .* هي مغفرت جي رات آهي۔ * هي رات پنهنجي ربّ جي عبادت ڪرڻ جي رات آهي. جيڪو ٻانهو هن رات الله پاڪ جي عبادت ڪندو آهي الله پاڪ ان تي جنت واجب ڪري ڇڏيندو آهي.[1] * جيڪو ٻانهو هي رات عبادت ۾ گذاري الله پاڪ ان جي دل ڪڏهن به مرده نه ڪندو۔
حديث پاڪ ۾ آهي: جيڪو عيدالفطر ۽ عيد الاضحيٰ جي رات طلبِ ثواب لاءِ قيام ڪندو، ان ڏينهن ان جي دل نه مرندي، جنهن ڏينهن (ٻين ماڻهن جون) دليون مرده ٿي وينديون۔[2] * تمام عاشقانِ رسول خاص طور تي اعتڪاف ڪندڙن کي گهرجي ته هي رات مسجدن ۾ الله پاڪ جي عبادت ۾ گذارين، حضرت ابراهيم نخعي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائين ٿا: بزرگانِ دين اعتڪاف ڪندڙن لاءِ پسند فرمائيندا هئا ته هو عيدالفطر جي رات مسجد ۾ گذارين۔ [3]
اي عاشقانِ رسول! رَمَضانُ الۡمُبارڪ کان بعد شوال المڪرم جي آمد آمد آهي. خوش نصيب مسلمان هن مهيني ۾ عيدالفطر کان پوءِ 6 روزا رکڻ جي سعادت حاصل ڪندا آهن. اچو! انهن روزن جا فضائل ٻڌون ٿا ته جيئن اسان جو هي روزا رکڻ ۽ انهن جي برڪتن کان فيضياب ٿيڻ جو ذهن بڻجي، جيئن ته * حديث پاڪ ۾ آهي: جنهن رمضان جا روزا رکيا پوءِ 6 شوال ۾ رکيا ته گناهن کان ايئن نڪري