Book Name:Pul Sirat Ke 7 Marahil
تڪليف پهچي، ڪنهن جي ننڊ خراب ٿئي، ڪو ويچارو بيمار آهي، ننڍڙا ٻارڙا ننڊ مان جاڳي پون، انهن کي ڪا پرواھ نه هوندي آهي. * ڪجهه ماڻهو رات جي وقت گهر ۾ اهڙو ڪم شروع ڪندا آهن، جنهن سان شور پيدا ٿيندو آهي، جنهن سبب پاڙيسرين جي آرام ۽ ننڊ خراب ٿي ويندي آهي. اهڙن عملن کان بچڻ گهرجي، ته جيئن پاڙيسرين کي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه پهچي!
پڑوسی کو بھائی! نہ ہر گز ستانا وگرنہ جہنّم بنے گا ٹھکانا
پاڙيسري جي ٻڪري کي به تڪليف نه ڏيو
مسلمانن جي امّي جان حضرت اُمِّ سلمه رَضِیَ اللہُ عنہا فرمائين ٿيون: هڪ پاڙيسري جي ٻڪري اسان جي گهر ۾ داخِل ٿي وئي ۽ ان ماني وات ۾ کنئي، جيئن ته مان ٻڪري جي طرف وڌيس ۽ ان جي وات مان ماني ڇڪي ڪڍي. سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم مونکي ايئن ڪندي ڏسي ورتو ۽ فرمايو: اي اُمِّ سلمه! ٻڪري کي تڪليف ڏيڻ توکي امان نه ڏيندو، ڇو ته اهو به پاڙيسري کي تڪليف ڏيڻ کان گهٽ ناهي۔[1]
اللہُ اَکْبَر! الله پاڪ اسان جي بزرگن تي رحمت فرمائي، اهي تقوى ۽ پرهيزگاري جون ڪهڙيون نه عظيم مثالون قائم ڪري ويا! افسوس! اڄڪلهه ته اسان وٽ پاڙيسرين لاءِ اهو ئي پسند ڪيو ويندو آهي، جيڪو پنهنجي لاءِ پسند نه هوندو آهي۔ * پنهنجي گهر ۾ ڪچرو رکڻ ڪير پسند ڪندو؟ پر جڏهن ڪچرو رکڻ جي جڳھ پري هوندي آهي، ته پاڙيسري جي دروازي وٽ رکي ڇڏيندا آهن * عورتون گهر جو فرش ڌوئينديون آهن، ظاهر آهي ته گندو پاڻي پنهنجي صحن ۾ جمع رکڻ ته گوارا ناهي ٿيندو، لهٰذا سڄو گندو پاڻي گهٽيءَ ۾ وهائي ڇڏينديون آهن، جنهن سبب گهٽي ۾ گَپَ ٿيندي آهي ۽ گذرڻ وارن کي تڪليف پهچندي آهي. ايئن ٻيون به کوڙ صورتون آهن، جتي ماڻهو پنهنجي لاءِ ڪا شيءِ پسند ناهن ڪندا، پر پاڙيسرين کي اُن ۾ مبتلا ڪري رهيا هوندا آهن. ڪاش! اسان سمجهي سگهون ته پاڙيسرين جو معاملو ڪيترو حُساس آهي۔