Book Name:Pul Sirat Ke 7 Marahil
بيان ڪيل آيتِ مقدسه ۾”غَيّ“ جو ذڪر آهي، حضرت علامه مولانا مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ”غَيّ“ جهنم ۾ هڪ وادي آهي جنهن جي گرمي ۽ اونهائي سڀ کا وڌيڪ آهي، هن ۾ هڪ کوھ آهي جنهن جو نالو ”هَب هَب“ آهي، جڏهن جهنم جي باھ وسامڻ لڳندي آهي ته الله پاڪ ان کوھ کي کولي ڇڏيندو آهي جنهن سان اها ساڳي وانگر ڀڙڪڻ لڳندي آهي.
اميرِ اهلِ سنت، مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه هن آيت جي ضمن ۾ اسان کي سمجهائيندي فرمائن ٿا: اي عاشقانِ رسول! هن خوفناڪ کوھ کي سمجهڻ لاءِ ڪڏهن ڪنهن دنياوي اونهيء کوھ جي ڪناري تي بيهي ان جي گهرائيءَ تي نظر وجهو ۽ سوچو ته جيڪڏهن دنيا جي هن کوھ ئي ۾ قيد ڪيو وڃي ته پوءِ ڇا هن عذاب کي برداشت ڪري سگهندؤ؟ جيڪڏهن نه ۽ يقيناً نه ته جهنم جي خوفناڪ کوھ جو عذاب ڪيئن برداشت ٿي سگهندو!
ہو گی دُنیا خراب، آخرت بھی خراب بھائیو! تم کبھی چھوڑنا مت نماز
بےنمازی جہنّم کا حق دار ہے بھائیو! تم کبھی چھوڑنا مت نماز
قبر میں سانپ بچھو لپٹ جائیں گے بھائیو! تم کبھی چھوڑنا مت نماز
سہہ سکو گے نہ دوزخ کا ہرگز عذاب بھائیو! تم کبھی چھوڑنا مت نماز
دیکھو! اللہ ناراض ہو جائے گا بھائیو! تم کبھی چھوڑنا مت نماز
یاخُدا! تجھ سے عطار کی ہے دُعا مصطفےٰ کی پڑھے پیاری اُمّت نماز
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
منقول آهي ”بروز قيامت اهو (يعني نماز جي معاملي ۾ سُسۡستي ڪرڻ وارو) هن حالت ۾ اٿاريو ويندو جو ان جي چهري تي ٽي سٽون لکيل هونديون: (1) اي الله جو حق برباد ڪرڻ وارا (2) اي الله جي غضب سان مخصوص! (3) جهڙي