Book Name:Pul Sirat Ke 7 Marahil
خیر خواہ ہم بھی پڑوسی کے بنیں یہ کرم یا مصطفےٰ فرمائیے!
نعمتِ اخلاق کر دیجئے عطا یہ کرم یا مصطفےٰ فرمائیے!
پاڙيسري کي ايذا ڏيڻ واري عبادت گذار عورت
امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه حديثِ پاڪ نقل فرمائي آهي ته هڪ ڀيرو الله پاڪ جي پياري ۽ آخري نبي، مڪي مدني صَلَّی اللہُ عَلَیْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّمَ جي خدمت ۾ عرض ڪيو ويو:
يارسولَ الله صَلَّی اللہُ عَلَیْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّمَ! فلاڻي عورت رات ڀر عبادت ڪندي آهي، ڏينهن جو روزا به رکندي آهي، ڏاڍي نيڪ آهي، صدقو خيرات به گهڻو ڪندي آهي، پر پنهنجي زبان سان پاڙيسرين کي تڪليف پهچائيندي آهي۔
پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّی اللہُ عَلَیْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّمَ فرمايو: لَا خَیْرَ فِیْہا ان ۾ ڪا به ڀلائي ناهي ہِیَ مِنْ اَہْلِ النَّارِ اها جهنمين مان آهي. صحابه ڪرام رَضِیَ اللہُ عَنْهُم هڪ ٻي عورت جو ذڪر ڪندي عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّی اللہُ عَلَیْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّمَ! فلاڻي عورت فرض نمازون پڙهندي آهي، پنير صدقو ڪندي آهي ۽ ڪنهن کي به تڪليف نه پهچائيندي آهي. ارشاد فرمايائون: ہِیَ مِن ْ اَہْلِ الْجَنَّۃِ اها جنتي عورت آهي.[1]
اي عاشقانِ رسول! اڄ هن حديثِ پاڪ تي بار بار غور ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي...! ٿورو سوچيو ته صحيح! جيڪو پنهنجي پاڙيسري کي تڪليف پهچائيندو، اهو ڪيتري قدر نقصان ۾ آهي پر افسوس! اسان وٽ هن ڳالهه جو خيال ئي ناهي ڪيو ويندو * ڪجهه ماڻهو پنهنجو گهر جو ڪن ڪچرو کڻي پاڙيسري جي دروازي تي ڦٽو ڪري ڇڏيندا آهن. * گهر ۾ وقت ۽ بي وقت شور شرابو ڪندا آهن ۽ ان ڳالهه جي پرواھ ئي ناهن ڪندا ته سندن آواز سان پاڙيسري کي تڪليف ٿي سگهي ٿي. * جيڪڏهن ڪنهن جي گهر ۾ شادي وياھ هجي، پوءِ ته ڄڻ پاڙيسرين جي ننڊ حرام ٿي ويندي آهي * هڪ ته موسيقي ۽ گانا وڄائڻ جو گناهه، مٿان وري وڏا اسپيڪر رکي اونچي آواز ۾ هلائيندا آهن، ڪنهن کي