Book Name:Pul Sirat Ke 7 Marahil
محبت میں اپنی گُما یاالٰہی! نہ پاؤں میں اپنا پتا یاالٰہی!
مِرے اَشک بہتے رہیں کاش ہر دم ترے خوف سے یاخدا یاالٰہی!
ترے خوف سے تیرے ڈر سے ہمیشہ میں تھرتھر رہوں کانپتا یاالٰہی!
شبّ قدر ملائڪن جي نازل ٿيڻ جي رات آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ رمضان شريف جي 27 هين رات آهي ۽ اڪثر عالمن جي نزديڪ رمضان شريف جي 27 هين رات ئي شبِ قدر هوندي آهي. [1] لهٰذا اسان اميد ڪيون ٿا ته الحمد لله! اڄ شبِ قدر آهي * اَڄ مغفرت جي رات آهي * رحمت جي رات آهي * اَڄ اها رات آهي جيڪا هزار مهينن کان بهتر آهي * اَڄ سلامتي جي رات آهي * اَڄ فرشتن جي زمين تي نازل ٿيڻ جي رات آهي۔ حضرت عبدالله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْهُما کان روايت آهي ته سرڪارِ عالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّمَ فرمايو: جڏهن شبِ قدر ايندي آهي ته الله پاڪ جي حڪم سان حضرت جبريل عَلَيْهِ السَّلَام هڪ سائو جهنڊو کڻي ملائڪن جي وڏي لشڪر سان زمين تي نزول فرمائيندا آهن ۽ ان سائي جهنڊي کي ڪعبي شريف تي ڦڙڪائيندا آهن. هڪ روايت مطابق انهن فرشتن جو تعداد روءِ زمين جي ڪنڪرين کان به وڌيڪ هوندو آهي، اهي سڀئي سلامتي ۽ رحمت کڻي نازل ٿيندا آهن۔ حديث پاڪ ۾ آهي: حضرت جبريل عَلَيْهِ السَّلَام جا 100 بازو آهن، جن مان 2 بازو فقط انهيءَ رات کوليندا آهن، اهي بازو اوڀر ۽ اولهه ۾ پکڙجي ويندا آهن، پوءِ حضرت جبريل عَلَيْهِ السَّلَام فرشتن کي حڪم ڏيندا آهن ته جيڪو مسلمان اَڄ رات نماز يا ذڪرُ الله ۾ مشغول آهي ان سان سلام ۽ مصافحو ڪيو ۽ انهن جي دعائن تي ”آمين“ چئو! پوءِ ملائڪ سندن حڪم تي عمل ڪندا آهن ۽ صبح تائين اهو سلسلو هلندو رهندو آهي.[2]
پيارا اسلامي ڀائرو! اَڄ برڪتن واري رات آهي، الله پاڪ اَڄ جي هن مبارڪ رات جي صدقي اسان سڀني جي بي حساب مغفرت ۽ بخشش فرمائي۔ اسان کي