Pul Sirat Ke 7 Marahil

Book Name:Pul Sirat Ke 7 Marahil

طرح دنيا ۾ تو حقُّ الله (يعني الله پاڪ جو حق) ضايع ڪيو انهيءَ طرح اڄ تون به الله پاڪ جي رحمت کان مايوس ٿي وڃ“.

(الزواجر، ج۔ ۱، ص۔ ۲۹۶) (جھنم میں لے جانے والے اعمال، ج۔ ۱، ص۔ 444)

 معراج جي رات عذاب ڏٺو

سرورِ ڪائنات صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم معراج جي رات هڪ اهڙي قوم (يعني اهڙي ماڻهن) وٽ تشريف وٺي ويا جن جا مٿا پٿر کان چِٿيا پئي ويا، جڏهن به انهن کي چِٿيو ويندو هو ته پهريان وانگر درست ٿي ويندا ها ۽ اهو سلسلو ائين ئي هلندو رهيو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پڇيو: اي جبريل! هي ڪير آهن؟ عرض ڪيو: هي اهي ماڻهو آهن جن جا مٿا نماز پڙهڻ سان ڳرا ٿي ويندا ها (يعني فرض نماز ڇڏي ڏيندا) هئا. (مسند بزار،ج17،ص5،حديث: 9518)

 پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن مٿي ۾ معمولي ڌڪ لڳي پوي ته انسان تڙپي پوندو آهي ته معاذ الله نمازون قضا ڪرڻ جي صورت ۾ جيڪڏهن ان جو نازڪ مٿو ملائڪن پٿرن سان چِٿڻ شروع ڪري ڇڏيو ته اُن جو ڇا بڻجندو! ڪاش! ڪاش! ڪاش! سڀئي مسلمان پڪا نمازي بڻجي وڃن.

توفیق دے الٰہی! مجھے تو نماز کی                                                                                       صدقے میں مصطَفٰے کے بنے خو نماز کی

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

پڪّي نمازي جي لاءِ 5 انعام

 هي ڊڄڻ جو مقام آهي، اسان کي گهرجي ته قبر ۽ حشر ۾ ڪاميابي ماڻڻ، پلصراط تان ڪاميابي سان گذري وڃڻ جي لاءِ پنج ئي نمازون پابندي سان مسجد جي پهرين صف ۾ پڙهڻ جي عادت بڻايون. حديث پاڪ ۾ آهي: الله پاڪ جي آخري نبي        صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو نماز جي پابندي ڪندو، الله پاڪ پنج ڳالهين سان ان جو اڪرام (يعني عزت) فرمائيندو: (1) ان کان تنگي ۽ (2) قبر جو عذاب دور ڪندو۔ (3) الله پاڪ اعمال نامو ان کي سڌي هٿ ۾ ڏيندو (4) اهو پلصراط تان بجلي وانگر تيزي سان گذري ويندو ۽ (5) جنت ۾ بنا حساب جي داخل ٿيندو.[1]


 

 



[1]... الکبائر للذھبی، الکبیرۃ الرابعۃ فی ترک الصلاۃ، صفحہ:17۔