Pul Sirat Ke 7 Marahil

Book Name:Pul Sirat Ke 7 Marahil

ۤیٰاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لَا تَخُوۡنُوا اللّٰہَ وَ الرَّسُوۡلَ وَ تَخُوۡنُوۡۤا اَمٰنٰتِکُمۡ وَ اَنۡتُمۡ تَعۡلَمُوۡنَ ﴿۲۷                   

(پارہ:9، سورۀ انفال:27)

ترجموڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! الله ۽ رسول سان خيانت نه ڪريو ۽ نه ڄاڻي واڻي پنهنجين امانتن ۾ خيانت ڪيو

 

خيانت جا ڪجھ قسم

حضرت علامه عبدالمصطفيٰ اعظمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:  جيئن روپين، پيسن ۽ مال متاع جي امانت ۾ خيانت حرام آهي اهڙي طرح ڳالهين، ڪمن ۽ عهدن جي امانت ۾ به خيانت حرام آهي. مثلاً:  *       ڪنهن اوهان سان پنهنجي راز جي ڳالھ ڪئي ڪيو ۽ اوهان کي چيو ته هيءَ ڳالهه امانت آهي ڪنهن کي نه ٻڌائجو ۽  اوهان اها ڳالھ ڪنهن  کي ٻُڌائي ڇڏي ته هي امانت ۾ خيانت ٿي وئي. *  ڪنهن اوهان کي مزدور رکي ڪري ڪو ڪم سپرد ڪيو پر اوهان ڄاڻي واڻي ان ڪم کي بگاڙي ڇڏيو يا گهٽ ڪم ڪيو ته اوهان امانت ۾ خيانت ڪئي. *  اهڙي طرح حاڪم جي اها ذميواري آهي ته هو پنهنجي رعيت جي نگراني ڪري ۽ انهن جي خبرگيري ڪندو رهي ۽ عدل ۽ انصاف قائم رکي. جيڪڏهن هن پنهنجي عهد جي ذميوارين کي پورو نه ڪيو ته اها به امانت ۾ خيانت شمار ٿيندي. اهڙي طرح رات جو زال مڙس جيڪو چوندا يا ڪندا آهن ان ۾ زال مڙس  هڪٻئي جا امين آهن. جيڪڏهن انهن مان ڪنهن به انهن ڳالهين کي ٻاهر ظاهر ڪيو ته اها به خيانت آهي.  مطلب ته *  مزدور*  ڪاريگر * ملازم وغيره جيڪو ڪم انهن کي سونپيو ويو آهي، اهي انهن جي ڪمن جا امين آهن. جيڪڏهن اهي ماڻهو پنهنجي ڪم يا ذميوارين ۾ غفلت ڪندا ته اهي امانت ۾ خيانت جا مرتڪب ٿيندا.

ياد رکو! هر قسم جي امانت ۾ خيانت حرام آهي ۽ هر خيانت جهنم ڏانهن وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي. هر مسلمان کي هر قسم جي خيانت کان بچڻ ايمان جي سلامتي ۽ جهنم کان نجات ماڻڻ جي لاءِ انتهائي ضروري آهي.[1]


 

 



[1]... جہنم کے خطرات، صفحہ:67-68۔