Book Name:Pul Sirat Ke 7 Marahil
خيانت نيڪين کي کائي ڇڏيندي آهي
حديث پاڪ ۾ آهي: حسد ۽ خيانت نيڪين کي اهڙي طرح کائي ويندا آهن جيئن باھ ڪاٺيءَ کي کائي ويندي آهي.[1] * هڪ حديث شريف ۾ فرمايو: قيامت جي ڏينهن هر خيانت ڪرڻ واري جي لاءِ هڪ جهنڊو هنيو ويندو جنهن سان ان جي پهچان ٿيندي. [2]
روايتن ۾ آهي: جيڪو دنيا ۾ خيانت ڪندو، قيامت جي ڏينهن ان کي چيو ويندو: پنهنجي ڀاءُ جي امانت واپس ڪر! هو عرض ڪندو: مولا! اها ته مان دنيا ۾ ئي ڇڏي آيس، هاڻي ڪٿان واپس ڪريان...؟ جيئن ته ان امانت جهڙي ڪا شيءِ جهنّم جي گهرائيءَ ۾ ظاهر ڪئي ويندي، ان خيانت ڪندڙ کي چيو ويندو: وڃ! جهنّم جي گهرائيءَ مان کڻي اچ! اُهو جهنّم جي گهرائيءَ ۾ لهندو، امانت کڻندو، اها دنيا جي تمام جبلن کان وڌيڪ ڳري هوندي، ٻانهو ان کي پنهنجن ڪلهن تي کڻي مٿي چڙهڻ شروع ڪندو، چڙهندو ويندو، چڙهندو ويندو، جڏهن جهنّم جي ڪناري تي پهچندو ته امانت وري جهنّم جي گهرائيءَ ۾ ڪِري پوندي، اهو وري هيٺ ويندو، امانت کڻندو، مٿي چڙهندو، جڏهن بلڪل ڪناري جي ويجهو ٿيندو ته امانت وري ڪري پوندي، جيستائين الله پاڪ چاهيندو، هن سان اهوئي معاملو ٿيندو رهندو.[3]
الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! هي ڪيترو سخت عذاب آهي....!! اسان کي گهرجي ته هن مان عبرت پڪڙيون، هر طرح جي امانت جي حفاظت ڪيون. ان جي برڪت سان اسان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! پلصراط پار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد