Pul Sirat Ke 7 Marahil

Book Name:Pul Sirat Ke 7 Marahil

خیر خواہ ہم بھی پڑوسی کے بنیں                                                            یہ کرم یا مصطفےٰ فرمائیے!

نعمتِ اخلاق کر دیجئے عطا                                                                                          یہ کرم یا مصطفےٰ فرمائیے!

الله پاڪ اسان کي سٺو پاڙيسري بڻجڻ جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

(7) ستين مرحلي ۾ سچ ۽ ڪوڙ جو  سوال ٿيندو آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! پُل صِراط جي آخري  يعني ستين مرحلي تي صدق يعني سچ بابت سوال ڪيو ويندو، هتي پڇيو ويندو ته ڇا تون سچ ڳالهائيندو هئين؟ جيڪڏهن جواب ها ۾ هوندو ته پُل صِراط پار ٿي ويندو، جيڪڏهن ٻانهو ڪوڙو ٿيو ته اُتي ئي ڦاسي پوندو۔[1] لهٰذا سچ ڳالهائڻ جي عادت بڻايو! هميشه سچ ڳالهايو! ڪوڙ جي خلاف پڪو پڪو اعلانِ جنگ ڪري ڇڏيو!

ڪوڙ  کان بچو

 الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

وَ اجۡتَنِبُوۡا  قَوۡلَ  الزُّوۡرِ

(پارہ:17، سورۀ حج:30)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ ڪوڙي ڳالھ کان اجتناب ڪيو

ڪوڙ جهنم ۾ وٺي ويندو آهي

حديث پاڪ ۾ آهي: سچ ڳالهائڻ نيڪي آهي ۽ نيڪي جنت ڏانهن وٺي ويندي آهي ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ فسق ۽ فجور (گناهه) آهي ۽ فسق ۽ فجور دوزخ ڏانهن وٺي ويندا آهن۔ [2]

بارگاھِ رسالت ۾ هڪ شخص حاضر ٿي عرض ڪيو:  يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! اهو ڪهڙو عمل آهي، جيڪو جهنم ڏانهن وٺي ويندو آهي؟ فرمايائون: ڪوڙ  ڳالهائڻ، جڏهن ماڻهو ڪوڙ ڳالهائيندو آهي ته اهو گناهه ڪندو آهي  ۽ جڏهن گناهه


 

 



[1]... بستان الواعظین، مجلس فی ذکر المیزان و الصراط، صفحہ:94

[2]... مسلم، کتاب البر  و الصلۃ و الادب، باب قبح الکذب...الخ، صفحہ:1007، حدیث:2607۔