Book Name:Pul Sirat Ke 7 Marahil
پلصراط تلوار جي ڌار کان وڌيڪ تيز آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي پُلِ صراط جو معاملو ڏاڍو نازڪ آهي. حضرت فضيل بن عياض رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان منقول آهي: پُلِ صراط جو سفر 15 هزار سال جي راهه آهي* 5 هزار سال مٿي چڙهڻ جا * 5 هزار سال هيٺ لهڻ جا * ۽ 5 هزار سال برابر جا. پُلِ صراط وارَ کان به وڌيڪ سنهي ۽ تلوار جي ڌار کان به وڌيڪ تيز آهي.[1]
بهارِ شريعت ۾ آهي: صراط هڪ پُل آهي جيڪو دوزخ جي پُٺيءَ تي رکيو ويندو، جنت ۾ وڃڻ جو اهو ئي رستو هوندو. سڀ کان پهريان نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ان مان گذر فرمائيندا، پوءِ ٻيا نبي ۽ مُرسلين عَلَيۡهِم السَّلَام، پوءِ هي امت (يعني مسلمان)، پوءِ ٻين (نبين جون) امتون گذرنديون. سڀ ماڻهو پنهنجن عملن جي حساب سان مختلف انداز سان گذرندا * ڪجهه ته اهڙا تيزي سان گذرندا جيئن بجلي جي چمڪ هاڻي چمڪي ۽ هاڻي غائب ٿي وئي * ڪجهه تيز هوا وانگر * ڪجهه پکي وانگر اڏامندا * ڪجهه گهوڙي جي رفتار جيان ڊوڙندا * ڪجهه عام انسانن جي ڊوڙ جيان * ڪجهه ته پنهنجي پٺيءَ تي گهلجي هلندا * ۽ ڪو ماڻهو ڪيوِل جي چال جيان ويندو ۽ پُلِ صراط جي ٻنهي طرف وڏا وڏا انگوڙا، يعني لوهي وڏيون سلاخون هونديون، جنهن ماڻهو جي باري ۾ حڪم ٿيندو، ان کي اهي سلاخون پڪڙي وٺنديون. ڪجهه ماڻهو ته اهي هوندا جيڪي زخمي ٿي نجات ماڻي وٺندا ۽ ڪجهه کي دوزخ ۾ ڪيرايو ويندو[2].
اچو! پلصراط تي حفاظت جي دُعا گهرون ٿا:
یا الٰہی جب چلُوں تاریک راہِ پُل صِراط آفتابِ ہاشِمی نورُالْھُدیٰ کا ساتھ ہو
یا الٰہی جب سر شمشیر پر چلنا پڑے ربِّ سلِّم کہنے والے غمزُدا کا ساتھ ہو
یاالٰہی! نامۂ اعمال جب کُھلنے لگیں عیب پوشِ خلق ستارِخطا کا ساتھ ہو
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد