Book Name:Pul Sirat Ke 7 Marahil
ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْهُ هڪ ڀيري سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون حديثون بيان ڪري رهيا هئا، انهيءَ دوران فرمايائون؛ هر قاطعِ رحم (يعني رشتيداري ٽوڙڻ وارو) اسان جي محفل مان هليو وڃي، هڪ نوجوان اُٿي ڪري پنهنجي پڦيءَ وٽ ويو جنهن سان ان جو ڪيئي سالن جو پراڻو جڳهڙو هو، جڏهن ٻئي هڪ ٻئي سان راضي ٿي ويا ته ان نوجوان کي پڦيءَ چيو؛ تون وڃي ان جو سبب پڇا ڪر ته آخر ائين ڇو ٿيو؟ (يعني ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي اعلان جي حڪمت ڇا هئي؟) نوجوان حاضر ٿي جڏهن پڇا ڪئي ته حضرت سيدنا ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمايائون ته مون حضور انور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان هي ٻڌو آهي؛ جنهن قوم ۾ قاطع رحم (يعني رشتيداري ٽوڙڻ وارو) هجي ان قوم تي الله ڪريم جي رحمت نازل ناهي ٿيندي.[1] جيڪي معمولي ڳالهين تي پنهنجي ڀينرن، ڌيئرن، پڦين، مامن، چاچن، ڀاڻيجن، ڀائٽين وغيره سان تعلق ٽوڙي ڇڏيندا آهن، انهن لاءِ هن حديثِ پاڪ ۾ عبرت ئي عبرت آهي. هتي اهو به غور فرمايو ته پهريان جا مسلمان ڪيترو نه خوفِ خدا رکڻ وارا هوندا هئا! خوش نصيب نوجوان الله پاڪ جي خوف سبب فوراً پنهنجي پڦيءَ وٽ وڃي صلح ڪري ڇڏي۔ سڀني کي گهرجي ته غور ڪن ته خاندان ۾ ڪنهن ڪنهن سان ناراضگي آهي جڏهن معلوم ٿي وڃي ته هاڻي جيڪڏهن شرعي عذر نه هجي ته فوراً ناراض رشتيدارن سان صلح ڪري ڇڏيو.
جيڪڏهن جھڪڻو به پوي ته بيشڪ الله جي رضا لاءِ جھڪي وڃو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! عزت ۽ سربلندي نصيب ٿيندي. حضور صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّمَ جو فرمانِ مبارڪ آهي: مَنْ تَوَاضَعَ لِلّٰہِ رَفَعَہُ يعني جيڪو الله پاڪ لاءِ عاجزي اختيار ڪري، الله پاڪ ان کي بلندي عطا فرمائيندو آهي.[2]