Book Name:Pul Sirat Ke 7 Marahil
تذڪرةُ الۡاولياء جيڪو خواجه فريد الدين عطار رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو لکيل ڪتاب آهي، ان ۾ لکيل آهي: حضرت جنيد بغدادي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي زندگيءَ جو جڏهن آخري وقت آيو ته پاڻ سجدي ۾ ڪري روئڻ شروع ڪيو. ماڻهو هيءَ حالت ڏسي تمام گهڻو حيرت ٿيا، انهن عرض ڪيو: سائين! توهان ته تمام وڏا عبادت گذار آهيو(توهان روزانو 400 نفل پڙهندا هئا، 20 سال ايئن گذاريا جو ڪڏهن تڪبيرِ اوليٰ به فوت نه ٿي، هر نماز تڪبيرِ اوليٰ سان باجماعت ادا ڪندا هئا، سڄي رات الله الله ڪندي گذاريندا هئا) اُن جي باوجود آخري وقت ايترو روئي رهيا آهيو، ان جو سبب ڇا آهي؟
هاڻي وليُن جي سردار حضرت جنيد بغدادي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو ايمان افروز، دل کي تڙپائڻ وارو ۽ خوفِ خدا کان لرزائڻ وارو جواب ٻڌو! پاڻ فرمايائون: مان هن وقت کان وڌيڪ ڪڏهن به روئڻ جو محتاج نه هئس، اهو چئي ڪري پاڻ قرآن پاڪ جي تلاوت ۾ مصروف ٿي ويا. ڪجهه دير کان پوءِ فرمايائون: هن قرآنِ پاڪ کان وڌيڪ منهنجو ڪوبه همدرد نه آهي، مان هن وقت پنهنجي سڄي عمر جي عبادتن کي هوا ۾ لٽڪندي ڏسي رهيو آهيان، جنهن کي تيز هوا جا لوڏا هيڏانهن هوڏانهن لوڏي رهيا آهن، مان نٿو ڄاڻان ته هيءَ هوا منهنجي عبادتن کي الله پاڪ جي حضور پيش ڪندي يا انهن کي دور ڪري ڇڏيندي. ٻي طرف مَلَڪُ الموت ۽ پُل صِراط آهي ۽ مان قاضي عادل (يعني الله پاڪ) جي فيصلي جو انتظار ڪري رهيو آهيان، نه ڄاڻ ته مون کي جنت ۾ وڃڻ جو حڪم ڏنو ويندو يا دوزخ ڏانهن ڌڪيو ويندو!
الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت خواجه جنيد بغدادي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو خوفِ خدا ڏسو! ڪيترو عظيم هو، آخري وقت ۾ به اسان کي نصيحت ڪري ويا ته: اي انسانو ! * ڪڏهن به پنهنجي اعمال تي ڀروسو نه ڪجو * پنهنجي عبادتن تي تڪيو نه ڪجو * الله پاڪ وڏو بي نياز آهي * بس هر وقت الله کان ڊڄندا رهو...!! ها! ها! * پُل صِراط اوهان جي سامهون آهي* اهو خطرناڪ رستو، جيڪو دوزخ جي مٿان گذري ٿو * افسوس! ان پُل تان گذرڻ تمام ڏکيو هوندو * نه ڄاڻ ان مان گذري جنت ۾ وڃڻ نصيب ٿيندو يا دوزخ جي اوندهه ۾ ڪري، الله جي عذاب ۾ گرفتار ٿيڻو پوندو، لهٰذا اي انسانو...!! هميشه الله پاڪ کان ڊڄندا رهو، سندس خوف ۾ اکين مان لڙڪ وهائيندا رهو...!!