Book Name:Pul Sirat Ke 7 Marahil
* عاشقانِ رسول جي تربيت ڪري انهن کي ديني ڪم ڪرڻ لاءِ ملڪ اندر ۽ ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليو ويندو آهي، انهن کي باقاعده پگهارون ڏنيون وينديون آهن ۽ اهي فارغ البال (يعني ڪمائڻ کان بي پرواھ) ٿي دين جي خدمت ڪندا آهن. * ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز تي به خدمتِ دين جو سلسلو جاري آهي، * پرنٽ ميڊيا (۾ ڪيترن ئي ڪتابن ۽ رسالن سان گڏوگڏ ماھوار فيضانِ مدينه، جي اشاعت جو سلسلو به جاري آهي جيڪو هن وقت دنيا جي7 وڏين ٻولين ۾ شايع ٿيندڙ ڪثيرالاشاعت ماهوار رسالو آهي) * سوشل ميڊيا (جهڙوڪ يوٽيوب (Youtube)، فيس بُڪ (Facebook)، انسٽاگرام (Instagram) وغيرهه) تي تقريباً 100 اڪائونٽ موجود آهن، جن تي تقريباً 50 ملين (Million) يعني 5 ڪروڙ فالورز آهن، جڏهن ته ويوز Views)) جو تعداد بلينز (Billions) يعني 100 ڪروڙ کان به وڌيڪ ٿي چڪو آهي. * ان کان علاوه مدني چينل اردو، انگريزي، بنگالي ٻولين ۾، ڪڊز مدني چينل، بزرگن جو مدني چينل ۽ عربي ويب چينل ذريعي دينِ اسلام جي خدمت ڪئي پئي وڃي * آءِ ٽي جي شعبي طرفان هن وقت تائين 32 موبائل ايپلي ڪيشن ۽ 40 اسلامي ويب سائيٽس لانچ ڪيون ويون آهن * سموري دنيا جي مسلمانن جي خير خواهي لاءِ ايف جي آر ايف (FGRF) جو شعبو قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جي تحت هن وقت تائين: * 34 لک 16 هزار 673 کان وڌيڪ وڻ پوکيا ويا آهن * تقريباً 76 لک 82 هزار 958 ماڻهن جي مدد ڪئي وئي آهي * 5 هزار 566 گهر تعمير ڪيا ويا آهن * 75 هزار 721 خون جون بوتلون عطيو ڪيون ويون آهن * هيلٿ ڪيئر سينٽر ۾ هن وقت تائين 61 هزار 667 کان وڌيڪ مريض علاج لاءِ اچي چڪا آهن.
توهان به خدمتِ دين جي هن نيڪ ڪم ۾ پنهنجو حصو شامل ڪيو! پنهنجا عطيات دعوتِ اسلامي کي ڏيو، توهان جا عطيات يعني چندو ڪنهن به نيڪ، جائز، ديني، اصلاحي، فلاحي، روحاني، خير خواهي، ڀلائي ۽ آمدني وڌائڻ جي جائز ۽ محفوظ ڪم ۾ لڳائي سگهجي ٿو ته جيئن وڌندڙ خرچن کي پورو ڪري سگهجي.
دعوتِ اسلامی کی قَیُّوم، سارے جہاں میں مچ جائے دُھوم
اس پہ فِدا ہو بچہ بچہ یااللہ! مری جھولی بھر دے