Pul Sirat Ke 7 Marahil

Book Name:Pul Sirat Ke 7 Marahil

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏي آڻيندي، سُنّت جي فضيلت ۽ زندگي جا ڪجهه آداب بيان ڪرڻ جو شرف حاصل ڪري رهيو آهيان. تاجدارِ رسالت، شهنشاهِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان محبت ڪئي، ان مون سان محبت ڪئي، ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي، اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                           جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

 دعا ۾ گڙگڙائڻ  سنت آهي

ٻه فرامينِ مصطفيٰ صَلَّي اللهُ عَلَيهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم: (1) قبوليت جو يقين رکي ڪري دعا گهرو! بيشڪ الله پاڪ غافل دل سان گهريل دعا پوري ناهي فرمائيندو. [2] (2) الله پاڪ دعا ۾ گڙگڙائڻ وارن کي دوست رکندو آهي.[3] 

اي عاشقانِ رسول! دعا ۾ گڙگڙائڻ سنت آهي. امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِ فرمائن ٿا: اسان جا پيارا آقا، مديني وارا مصطفيٰ صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم هميشه الله پاڪ کان دعا گهرڻ وارا ۽ دعا ۾ گهڻو گڙگڙائڻ وارا هئا.

پيارا اسلامي ڀائرو!  *                        دعا ۾ گڙگڙائڻ سان مُراد جلد پوري ٿيندي آهي، اعليٰ حضرت جا والد، مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِ      دعا جو ادب بيان ڪندي فرمائن ٿا: ڳوڙها ڳاڙڻ ۾ ڪوشش ڪيو، جيتوڻيڪ هڪ ئي قطرو هجي جو قبوليت جي دليل آهي، روئڻ نه اچي ته روئڻ جهڙو منهن ٺاهيو جو نيڪن جي صورت به نيڪ آهي.[4] *        دعا ۾ گڙگڙائڻ سان دل کي سڪون ملندو ۽ زنگ دور ٿيندو آهي. *         دعا ۾ گڙگڙائڻ سان ٻانهي جو الله پاڪ سان تعلق مضبوط ٿيندو آهي.

ڪاش! اسان کي گهڻي دعا گهرڻ ۽ دعا ۾ گهڻو گڙگڙائڻ جي توفيق ملي وڃي.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]... مشکوٰۃ،کتابُ:الْاِیمان،بابُ:الْاِعْتِصَام، جلد:1، صفحہ:55، حدیث:175۔

[2]... ترمذی، کتاب: دعوات، صفحہ:799، حدیث:3478۔

[3]... شُعَبُ الْاِیْمان، باب: اللہ پاک سے اُمِّیْد رکھنا، جلد:2، صفحہ:38، حدیث:1108۔

[4]... فضائِلِ دُعا، صفحہ:81۔